English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ پاران احتجاج جاري
58 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي ٻئي ڏينهن به صحت کاتي جي ملازمن اسپتال اڳيان لڳايل احتجاجي ڪيمپ ۾ سخت نعريبازي ڪئي نااھل ۽ ڪرپٽ ايم ايس جبار ميمڻ ھٽايو جھرڪ اسپتال بچايو جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امجد شورو صحت کاتي جي ملازمن سان اظھار يڪجھتي ڪرڻ لاء احتجاجي ڪيمپ تي پھتو ھن چيو ته مرف اين جي او گذريل 18 سالن کان ٺٽي ضلعي جي صحت کاتي ۽ اسپتالن کي اڏھي جيان کائي رھي آھي جيستائين صحت کاتي ۽ اسپتالن جي تباھي جي اصل جڙ مرف مينجر آدم ملڪ کي نه ھٽايو ويندو تيستائين اسپتالن ۾ سڌارو ڪونه ايندو مرف مينجر آدم ملڪ رٽائرڊ سرڪاري ڊاڪٽر کي مقرر ڪري اسپتالن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي نااھل ۽ ڪرپٽ ڊاڪٽر جبار ميمڻ کي مرف مينجر آدم ملڪ جڏھن کان جھرڪ اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو آھي تڏھن کان جھرڪ اسپتال ۾ عوام لاء ڪابه بنيادي سھوليت ميسر ڪونهي مريض ۽ سندس وارث ته اڳم ئي احتجاج ۽ رڙيون ڪري رھيا ھئا پر ھاڻي مجبور ٿي اسپتال جو پيرا ميڊيڪل اسٽاف به ڪيمپ قائم ڪري روزانو جي بنياد تي نااھل ۽ ڪرپٽ ايم ايس جبار ميمڻ کي ھٽائڻ لاء سراپا احتجاج بنيل آھي ٻئي طرف مرف اين جي او جي مينجر آدم ملڪ ڳالهيون ڪري لاء ڊاڪٽر شھزاد جي اڳواڻي ۾ ھڪ وفد جھرڪ موڪليو جنهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ جي اڳواڻن زاھد جھرڪو عبدالحئي سومرو ۽ نظير سومرو سان ڳالهيون ڪيون ته ايم ايس جبار ميمڻ کي ھٽائڻ واري مطالبي تان ھٿ کڻو باقي توھانجي ٻين ڳالهيون ڪريون ٿا پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن اڳواڻن کين چيو ته نااھل ۽ ڪرپٽ ايم ايس جبار ميمڻ کي ھٽائڻ اسانجو پھريون مطالبو آھي جيستائين انھي مطالبي تي عمل ڪونه ٿيندو تيستائين ٻين مطالبن تي ڳالهيون ڪونه ٿينديون جنهن کانپوء ڊاڪٽر شھزاد جي اڳواڻي ۾ آيل وفد واپس روانو ٿي ويو اڳواڻن چيو ته ايم ايس جبار ميمڻ جي بدلي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ جھرڪ
0 تبصرے