English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا پريس ڪلب پاران ناليواري صحافي ڀائو ذلف پيرزادو جي ٻي ورسي ملھائي وئي
28 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڀائو ذلف پيرزادو سنڌ جي صحافتي ڪيريئر جو مزاحمتي ڪردار ھيو: غلام حسين چانگ ۽ ٻيا
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا پريس ڪلب پاران ناليواري صحافي ڀائو ذلف پيرزادو جي ٻي ورسي ملھائي وئي.ورسي تقريب جي صدارت صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي غلام حسين چانگ چيو ته ذلف پيرزادو سنڌ جي صحافتي ڪيريئر جو مزاحمتي ڪردار ھيو. ھن چيو ته ھو ڪميٽيڊ صحافي ۽ پورھيت دوست مضبوط آواز ھيو.سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ضمير سھتو رڪراڻي چيو ته ذلف بنيادي طور ھڪ برجستو سياسي ڪارڪن ھيو کاٻي ڌر سان تعلق ھجڻ ڪري سندس تربيت وطن ۽ پورھيت دوستي واري ھئي.ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر فرمان سھتو چيو ته ڀائو ذلف پيرزادو پنهنجي شخصيت ۾ سچو کرو ۽ ايماندار انسان ھيو ھميشه سندس قول ۽ فعل ۾ ھم آھنگي رھي.ھن ھميشه اصولن واري زندگي گذاري. محمد مٺل تنيو چيو ته ڀائو ذلف ڪمال جو انسان ھيو جنهن مظلوم ۽ محڪومن جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچايو صحافي اتحاد تعلقي سوڀوديرو جي جنرل سيڪريٽري شمس الدين راڄپر چيو ته ذلف پنهنجي سموري زندگي صحافت کي ڏني کيس ھميشه ياد رکيو ويندو. تقريب دوران ناليواري راڳي فياض شيخ ڪلام ٻڌائي واھ واھ ڪرائي.پروگرام ۾ ھنڱورجا پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اعجاز علي ھرياھ , قاصد الله آرائين, عابد حسين سولنگي,ظفر آزاد صديقي,علي داد راڄپر,گلزار سھتو,سجاد آرائين,محمد شريف شيخ, معشوق منڱڻيجو, افتخار چنو,عبدالقادر راڄپر ۽ ٻين صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا پريس ڪلب
ناليواري صحافي ڀائو ذلف پيرزادو
0 تبصرے