English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
16 views
|
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
پروگرام سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي صدارت ۾ ٿيو
نوشهرو فيروز(ڊر)سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهرو فيروز پاران، سنگت جي ضلع رابطا سيڪريٽري ايم ظفر تڳر جي ٻن سالن واري بهترين ڪارڪردگيءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ 15 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار احمد سولنگي ۽ اياز ابڙو مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ دوست اتحاد پئنل جي اميدوارن ستار هُليو، مرتضي' ڦل، آڊيٽر جي سيٽ تي بيٺل آزاد اميدوار شاھد موسو، بنا مقابلي چونڊيل ضلع رابطا سيڪريٽري مختيار شاھ مختيار، سميت آيل سمورن مهمانن جي شاخ نوشهرو فيروز جي سيڪريٽري امجد ميمڻ، ساگر يوسف منگي آجيان ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته سنڌي ادبي سنگت اسان جي ماءُ آهي، جنهن جي پليٽفارم تان اسان هميشه ڌرتي سان وفا جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ظفر تڳر جي پٽڪي واري سڃاڻپ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، سنگت شاخ نوشهرو فيروز کيس مانُ ڏيئي پاڻ ملهايو آهي. احمد سولنگي چيو ته منهنجو جنم هن ساهتي جي مٽيءَ مان آهي، جنهن ڪري اول ۽ آخر اسان لاءِ سنڌ آهي. ظفر تڳر ثقافت ۽ ڌرتي سان هميشه وفا ڪئي آهي. احمد سولنگي پنهنجي پئنل جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ايم ظفر تڳر چيو ته مان سنگت جو ٿورائتو آهيان جن مون کي مانُ بخشيو آهي. ان موقعي تي خالد راڄپر، خالد ساحل ڪيريو، صوفي عزيز ثابقي، سبحان سوز جتوئي، غلام مصطفي' کوسو، جبار ملاح، محبتي ملاح، نور محمد ناز، غفار عباسي، شاهد راڄپر، رامچند اوڏ، امين چانڊيو، ميرحسن مهر، مجيد ڪيريو، حبدار مشوري، عبيدالله تڳر، بالا بلوچ، سميت پوري سنڌ مان آيل مهمانن ۽ ضلعي نوشهرو فيروز جي 12 شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن شرڪت ڪئي. بالا بلوچ، سگهڙ سوڀارو ڀٽي ۽ صوفي عزيز ثابقي ترنم ۾ شاعري ڳائي محفل مچائي ڇڏي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران
0 تبصرے