English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ بلڊ ڊونيشن مهم بابت اجلاس
80 views
|
31st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٿليسميا ۾ مبتلا ٻار سماج جي خاص توجه جا مستحق آهن: ڊي سي سرمد علي ڀاڳت
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ ٿليسميا جي مريضن لاءِ بلڊ ڊونيشن مهم بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت چيو ته ٿليسميا ۾ مبتلا ٻار سماج جي خاص توجه جا مستحق آهن ۽ انهن لاءِ باقاعده رت جي فراهمي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي۔ هن چيو ته هڪ صحتمند سماج اهو هوندو آهي جتي ڪمزور ۽ بيمار ماڻهن جو خيال رکيو وڃي، ۽ رت جو عطيو ڏيڻ هڪ عظيم انساني خدمت آهي جيڪا ڪيترين ئي زندگين کي بچائڻ جو سبب بڻجي ٿي۔ هن وڌيڪ چيو ته ٿليسميا جي مريض ٻارن ۽ انهن جي والدين کي هڪ بلڊ بيگ لاءِ به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو انتهائي فڪر جوڳي ڳالهه آهي۔ اسان جي ڪوشش آهي ته اهڙو مربوط نظام قائم ڪيو وڃي، جنهن تحت انهن ٻارن کي وقت سر ۽ مستقل بنيادن تي رت جي فراهمي ممڪن بڻائي سگهجي۔ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته ان مقصد لاءِ هڪ مؤثر مانيٽرنگ نظام تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت گڏ ٿيندڙ بلڊ بيگز مطابق ٿليسميا جي مريضن لاءِ ڪوٽا مقرر ڪيو ويندو، جيئن متاثر ٻارن ۽ انهن جي والدين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي۔ هن واضح ڪيو ته هن نظام تحت گڏ ٿيندڙ رت صرف ٿليسميا جي مريضن لاءِ مخصوص هوندو۔ هن وڌيڪ چيو ته بلڊ ڊونيشن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوليس، صحت، تعليم ۽ ٻين سڀني ادارن کان تعاون حاصل ڪيو پيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ رت جا عطيا گڏ ڪيا وڃن۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پير 6 اپريل کان هڪ هفتي تائين روزانو صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين سول اسپتال مڪلي ۾ بلڊ ڊونيشن وارڊ قائم ڪيو ويندو، جتي شهرين کان رت جا عطيا وصول ڪيا ويندا۔ هن ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو هن انسان دوست مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ رت جي عطين بابت آگاهي ڦهلائن ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ قيمتي انساني زندگيون بچائي سگهجن۔ ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن بلڊ ڊونيشن بابت مختلف تجويزون ۽ رايا پيش ڪيا، جڏهن ته سڀني ڀرپور تعاون جي يقين دهاني پڻ ڪرائي۔ اجلاس ۾ پوليس، صحت، روينيو، تعليم، بار ايسوسيئيشن، صحافين، اين جي اوز، ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن، پرائيويٽ اسڪولن، هيومن رائٽس ڪميشن، مرف، پي پي ايڇ آءِ ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت
ڊي سي سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے