English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي نوشهروفيروز جي صدارت هيٺ انتها پسندي جي خاتمي بابت قائم ڪاميٽي جو اجلاس
104 views
|
31st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪ جي مثبت رخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڀئي لاڳاپيل کاتا پنهنجو ڪردار ادا ڪن: ڊي سي محمد ارسلان سليم
نوشهرو فيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ انتها پسندي جي خاتمي بابت قائم ضلعي ڪاميٽي جي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ حساس ادارن جا اهلڪار، روينيو، سوشل ويلفيئر،ايڪسائير اينڊ ٽيڪسيشن،پاڪستان ڪسٽمز، تعليم،پوليس،اطلاعات ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪميٽي جي سڀني ميمبرن کي ضلعي ۾ امن و امان کي برقرار رکڻ ، غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ ۽ ضلعي ۾ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي مثبت رخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڀئي لاڳاپيل کاتا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن تعليم کاتي ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسرن کي چيو تہ اھي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ مختلف تعليمي ادارن ۾ سيمينار منعقد ڪن، هن چيو ته انتها پسندي جي خاتمي لاءِ تعليم ۽ اسپورٽس کاتي پاران ميراٿن ريس ۽ ٻين مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن .هن چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ صحافي، سوشل ميڊيا ورڪر ۽ ليکڪ مذهبي، قومي ۽ فرقيوارانه انتها پسندي جي خاتمي لاءِ پنهنجي قلم ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيبل آپريٽر انتها پسندي وارو مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پنهنجن علائقن ۾ غير قانوني سرگرمين ۽ انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ضلعي ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ضلعي اندر مثبت ۽ تعميري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن خلاف ٿيندڙ تشدد ، استحصال ۽ نفرت انگيز رويي کي روڪڻ لاءِ پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي آگاهي فراهم ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي نوشهروفيروز جي صدارت هيٺ انتها پسندي
ڊي سي محمد ارسلان سليم
0 تبصرے