English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي جي مين لائين مان غيرقانوني ڪنيڪشنز جو انڪشاف
340 views
|
01st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پاڻي لائين مان غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائي پاڻي مبينا طور هائيڊرنٽ جهڙن پوائنٽن تائين منتقل ڪيو وڃي ٿو: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلع ملير جي علائقي رزاق آباد سميت ٻين مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي مين لائين مان مبينا طور غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائي پاڻي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ذريعن موجب رزاق آباد ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ وڇايل مرڪزي لائين مان ڪجهه بااثر ماڻهن غيرقانوني ڪنيڪشن لڳايا آهن انهن ڪنيڪشنن ذريعي پاڻي کي مبينا طور هائيڊرنٽ جهڙن پوائنٽن تائين منتقل ڪيو وڃي ٿو، جتان ٽينڪر ڀري وڏي رقم عيوض مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو علائقي جي رهواسين موجب ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هن علائقي جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ منصوبو شروع ڪيو ويو هو ته جيئن پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي سگهي، پر هاڻي ساڳي لائين مان غيرقانوني طور پاڻي ڪڍي وڪرو ڪرڻ سبب مقامي آبادي کي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي گهرن ۾ مھينن تائين پاڻي نٿو اچي، جڏهن ته ٻي پاسي ساڳي لائين مان مبينا طور ٽينڪر ڀري پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي رهواسين لاڳاپيل اختيارين ۽ واٽر بورڊ جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته رزاق آباد ۾ مين لائين مان لڳايل سڀ غيرقانوني ڪنيڪشن فوري ختم ڪيا وڃن، ذميوار ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ علائقي ۾ پاڻي جي منصفاڻي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين جون تڪليفون گهٽجي سگهن مقامي سماجي حلقن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وقت سر ڪارروائي نه ڪئي وئي ته پاڻي جي کوٽ جو مسئلو وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هزارين شهري متاثر ٿيندا۔ هنن حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي جي
0 تبصرے