English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به سنڌ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف ريليون ۽ ڌرڻا
180 views
|
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد /غوثپور/ملير/ اسلام ڪوٽ /سرھاڙي/ لعلو رائنڪ/ مورو /ٽنڊو حيدر/گولاڙچي/ وڳڻ/سيتا روڊ : وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اڄ چوٿين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا ھنيا ويا. ڪارڪنن پئٽرول مھانگو ڇو ڀلا، ڊيزل مھانگو ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا سميت مختلف نعرا ھڻي قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ان ڏس غوثپور شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي آرگنائيزر ارسلا بهلڪاڻي، راشد ڀيو، سجاد بروھي، فدا محمداڻي، سرور جعفر، شوڪت ڀيو، سائين بخش جعفري، نياز ڀيو، مصطفي اوڳاهي، قيوم ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دولي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ملير ڪورٽ ۾ قومي لائرس فورم پاران قومي لائرس فورم جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ مقصود سومرو، ايدووڪيٽ سجاد لاشاري، شوڪت ڀنڊ، مهتاب سومرو، ذيشان گوپانگ، حماد ڀٽو، گرديزي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو.اسلام ڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن زاھد گل اوٺو، عبدالرحمان شاھ، پرشوتم، زيڊ اوٺو، ڀرت ڪمار، جئي پرڪاش، گلاب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھا۽ اسڪول مين گيٽ ريلي ڪڍي مين چوڪ تائين ڌرڻو ھنيو ويو.سرهاڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن محبوب کوسو، سجڻ کوسو، مظھر کوسو، ظفر کوسو، رجب کوسو جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. لعلو رائنڪ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سجاد اڪبر مغيري، ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، جمشيد منگي، مشتاق چانڊيو، ضمير سيال، علي گوهر جتوئي، انعام ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي لعلو وارھ وڳڻ روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. مورو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن خان سومرو، غلام نبي لاکو، نازن عالماڻي جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ھنيو ويو. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي آرگنائيزر آغا عباس پٺاڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ لالي ڪامريڊ، راول سيال، بابو سولنگي، لالي ڪامريڊ، گلان ڪامريڊ، جمن سولنگي، پيارو اوڏ، امداد سيال،پپو سولنگي،نانجي ڪولھي، ساجن اوڏ جي اڳواڻي ۾ آزاد ننگر کان ريلي ڪڍي ٽنڊو حيدر شيخ ڀرڪيو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو.گولاڙچي شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڊاڪٽر لالچند ڀيل، علي اڪبر کوسو، اسماعيل مھيري، حسين مھيري، محرم مھيري، شاھنواز ڪنڀار اشوڪ ڪمار، امام علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد فاضل راهو گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. وڳڻ، سيتا روڊ جي ڳوٺ محمد خان رند ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران بي حس ٿي چڪا آھن. ھزار روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ روزانو پنج سئو روپيا پئٽرول ڪيئن ڀرائي؟ سفر تمام مھانگو ٿي ويو آھي. ھر شئي ٽرانسپورٽ ذريعي پھچي ٿي، جنھنڪري ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي نتيجي سنڌ سميت ملڪ جو عوام لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو مھانگائي وڌندي اڳواڻن چيو تہ وفاقي حڪومت آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن. آئي ايم ايف جي خنجر سان پاڪستان جي 22 ڪرڙو عوام کي ماريو پيو وڃي. فارم 47 جي حڪمرانن ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ڪرپٽ جاھل حڪمرانن کي غريب عوام جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آهي ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به
0 تبصرے