English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص جي نياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري واري واقعي خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاج
141 views
|
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
تعليمي ادارن ۾ نياڻي کي حراسان ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميرپورخاص ۾ پوزيشن هولڊر ميڊيڪل شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي مبينه هراساني ۽ ذهني دٻاءُ سبب پيش آيل افسوسناڪ واقعي خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ ضلعي سيڪريٽري سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ثناءُ ساند صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڊاڪٽر فهميده لغاري جو واقعو صرف هڪ نياڻي جو الميو ناهي، پر اهو پوري سماج جي ضمير کي لوڏي ڇڏيندڙ سانحو آهي، هن چيو تہ تعليمي ادارا، جيڪي علم، شعور ۽ تحفظ جا مرڪز هجڻ گهرجن، اتي جيڪڏهن نياڻيون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون تہ اهو اسان سڀني لاءِ انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي، هن وڌيڪَ چيو تہ هڪ پوزيشن هولڊر شاگردياڻي جو اهڙي انجام تائين پهچڻ رياستي ادارن ۽ تعليمي نظام لاءِ وڏو سوال آهي، ۽ جيڪڏهن هاڻي به خاموشي اختيار ڪئي وئي تہ اهڙن واقعن ۾ وڌيڪَ اضافو ٿيندو، هن چيو تہ ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ گل بجير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھي واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ آهي، جتي هڪ ذهين ۽ قابل نياڻي کي مبينه طور هراسان ڪري ذهني طور ٽوڙي وڌو ويو، هن چيو تہ اهو واقعو رڳو هڪ شاگردياڻي سان ناانصافي نه پر پوري تعليمي نظام تي هڪ وڏو سواليا نشان آهي، هن وڌيڪَ چيو تہ جيڪڏهن اهڙن واقعن جي شفاف جاچ نه ڪئي وئي ۽ ذميوارن کي عبرتناڪ سزا نه ڏني وئي تہ معاشري ۾ بيچيني ۽ بي اعتمادي وڌندي، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي، احتجاج ۾ ٻين اڳواڻن سوشل ايڪٽيوسٽ سجاد منڱريو، راجا سوڻيکي، ڪامران آريسر، علي رضا جوکيو سميت ٻين ڳالهائيندي چيو تہ تعليمي ادارن ۾ هراساني جا واقعا هاڻي لڪيل نه رهيا آهن، پر هڪ تلخ حقيقت بڻجي سامهون اچي رهيا آهن، هنن چيو تہ ڪيترائي واقعا بليڪ ميلنگ، دٻاءُ ۽ خوف جي ڪري منظرعام تي نٿا اچن، جنهن سبب متاثر نياڻيون اندروني اذيت جو شڪار ٿين ٿيون، هنن وڌيڪَ چيو تہ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ويٺل اهڙا “بدبودار ڪردار” نه رڳو تعليم جهڙي مقدس شعبي کي بدنام ڪري رهيا آهن، پر سڄي سماج لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن، جيڪڏهن اهڙن عنصرن کي سندن انجام تائين پهچايو وڃي تہ اهڙا افسوسناڪ واقعا روڪي سگهجن ٿا، مظاهرين چيو تہ هاڻي حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو والدين پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ وقت به خوف ۽ بيچيني محسوس ڪن ٿا، جيڪو هڪ انتهائي خطرناڪ سماجي الميو آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ تعليمي ادارن سميت سمورن سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ هراساني خلاف سخت قانوني ڪاروائي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به نياڻي سان اهڙو سانحو پيش نه اچي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرپورخاص جي نياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري
sEX
RAPE
BLACKMAIL
SIDEUCE
SIDUSE
MIRPURKHAS
FAHMIDA
LAGHARI
0 تبصرے