English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو
160 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خڪاپي ڪلچر سماجي ناسور بڻجي چڪو آهي جيڪو نه صرف تعليمي نظام کي متاثر ڪري رهيو آهي: ڊي سي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ضلعي عمرڪوٽ ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي سالياني امتحانن جي انعقاد لاءِ قائم امتحاني مرڪزن جي سڀني پرنسپلن ۽ هيڊ ماسترن جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ امتحانن کي شفاف ۽ منظم نموني سان ڪرائڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ سڀني لاڳاپيل آفيسرن ۽ اسڪول انتظاميه کي سختي سان هدايت ڪئي ته امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ اثرائتا ۽ مضبوط قدم کنيا وڃن۔ هن چيو ته ڪاپي ڪلچر هڪ سماجي ناسور بڻجي چڪو آهي جيڪو نه صرف تعليمي نظام کي متاثر ڪري رهيو آهي پر شاگردن جي مستقبل کي به نقصان پهچائي رهيو آهي، تنهن ڪري ان جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن۔ ھن وڌيڪ چيو ته سڀني امتحاني مرڪزن تي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي يا ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي۔ ان سلسلي ۾ سڀني انويجيليٽرن، استادن، سپرنٽنڊنٽن ۽ ٻين عملي کي ايمانداري ۽ ذميواري سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ واضح ڪيو ته حڪومت سنڌ جي هدايتن موجب نقل جي خاتمي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي ويندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته امتحانن جي نگراني لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو جاويد احمد ڏاهري هوندو. اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن۔ هن چيو ته دفعو 144 لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سڀني امتحاني مرڪزن جي چوڌاري سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهندي ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي وقت سر روڪي سگهجي۔ هن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪار امتحاني مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪيا ويندا ۽ نقل ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي۔ اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته امتحاني عمل کي شفاف، منصفاڻو ۽ ميرٽ جي بنياد تي مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀئي موجود وسيلا استعمال ڪيا ويندا۔ اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، ايڪس اي اين حيسڪو علي رضا ڀٽي، ڊي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ مير حسن آريسر، پرنسپل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، مختلف اسڪولن جا پرنسپل محمد امين سومرو، عيدل ڪنڀر، مراد علي مگريو، جئي ديو سوٿر، لاڳاپيل آفيسر، تعليم کاتي جا نمائندا، اسڪولن جا پرنسپل ۽ هيڊ ماسترن شرڪت ڪئي ۽ امتحانن جي پرامن انعقاد لاءِ مڪمل سهڪار جي يقين دهاني پڻ ڪرائي وئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے