English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بس گهڻو ٿيو، هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين: غلام مرتضيٰ جتوئي
80 views
|
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي
نوشھروفيروز (ڊ ر)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀاءُ، نیشنل پیپلز پارٹی سنڌ جي صدر مسرور خان جتوئي جي مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي انسداد دهشتگردي عدالت ۾ ٿي. مجموعي طور 8 ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ 2 ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي کان پوءِ نیشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 ڪيسن جي ٻڌڻي 8 مئي تائين ۽ ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هاڻي جي ڊي اي جي نوجوان قيادت ميدان ۾ اچي چڪي آهي، جنهن ۾ سيد راشد شاهه، معظم عباسي ۽ حسنين مرزا شامل آهن. اسان سڄي زندگي سياست ڪئي آهي ۽ هاڻي به انهن سان گڏ آهيون. غلام مرتضيٰ جتوئي وڌيڪ چيو ته هاڻي گهڻو ٿي چڪو آهي، ڪارڪنن تي ٿيندڙ ظلم جو سخت نوٽس ورتو ويندو. اسان جا ڪارڪن اڪيلائي جو شڪار ناهن. جيڪڏهن اسان کي مجبور ڪيو ويو ته اسان سڀ ڌريون گڏ ٿي سگهون ٿا ۽ سنڌ جا روڊ رستا بند به ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ڪافي صبر ڪيو ويو آهي، هاڻي عملي مزاحمت ڪئي ويندي ۽ ٿيل نقصان جو حساب ضرور ورتو ويندو. هن چيو ته هو هڪ تحمل مزاج ماڻهو آهي، پر سندس تعلق قبائلي پسمنظر سان آهي، جتي حساب ڪتاب ڪڏهن به وساريو نه ويندو ۽ انشاءالله ان جو حساب ضرور ورتو ويندو. لغاري ۽ بجاراڻي برادري بابت معافي جي سوال تي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اها نئين ڳالهه آهي ته ماڻهو ماريا به وڃن، گهر به ڊاٺا وڃن ۽ پوءِ معافي به ورتي وڃي. هن چيو ته وزيرِاعظم طرفان وڏي فراخدلي ڏيکاري وئي آهي، پر ڪجهه ماڻهن هر قوم سان دشمني وڌائي ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته لغاري، مري ۽ جتوئي برادريون ڪمزور ناهن بلڪه مضبوط برادريون آهن. جيڪڏهن ڪنهن اهو سمجهيو آهي ته هڪ برادري جي دشمني گهٽائي سگهجي ٿي ته اها غلطي آهي. هن چيو ته هاڻي “نو مور” جو وقت آهي، ۽ ڪنهن به ڪارڪن سان ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
غلام مرتضيٰ جتوئي
بس گهڻو ٿيو، هاڻي وڌيڪ برداش
0 تبصرے