English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪرپشن، مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي: اياز لطيف پليجو
74 views
|
16th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل حڪومت ملڪي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن، مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي. لکين خاندان ٻن ويلن جي ماني کان محروم ٿي ويا آھن. بيڊ گورننس جا ذميوار ھجڻ باوجود پيپلز پارٽي حڪومتي بينچن تي ويھي مخالفت جو ڪوڙو ڍونگ ڪري عوام کي دوکو ڏئي رھيا آھن. تيل مھانگو ٿيڻ ڪري ھر شئي مهانگي ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ خراب حڪمراني جي ڪري آبادگار، ھاري ۽ پورھيت بدحالي جو شڪار آھن. حڪومت وٽ زراعت جي بحالي ۽ بھتري جو ڪو به پروگرام ناھي. ھڪ طرف نقلي ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪري رھيون آھن ٻئي طرف جيڪو فصل لھي ٿو ان جو اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي پاڻي تي ھٿرادو ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي مڪمل لاتعلق بڻيل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سنڌ ڪڻڪ جو فصل تيار آھي پر ڪٿي بہ ڪڻڪ جي خريداري جا سرڪاري سينٽر نہ کليا آھن جنھنڪري واپاري مافيا آبادگارن کي لٽي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ فصلن تي وڏو خرچ اچي ٿو پر اگھ نه ملڻ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو مسلسل معاشي قتل ٿي رھيو آھي. سنڌ حڪومت سبسڊي ڏئي ڪڻڪ جي خريداري ڪري. سنڌ جي زرعي معيشت جي بحالي سان ترقي ٿيندي. خوشحالي ايندي. ڪروڙين ماڻھو معاشي طور بحال ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
0 تبصرے