English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايرانين کان سکو، صبر، دليري ۽ طويل، منظم ۽ بيخوف مزاحمت مخالفن کي ٿڪائي وجھندي آھي: اياز لطيف پليجو
119 views
|
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
آئون سڄي سنڌ کيڙي، ان ۾ پر امن ڊگھي مزاحمت، علم ۽ عقل جا ٻج پيو پوکيان
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ محڪومن ۽ مظلومن جي قافلي مان جيڪي بہ وڏي فيصله ڪن جنگ جا ٺڪاءُ ھڻن، جھيڙن، ٽڪرائن، ھٿيارن، آخري مقابلن جا اعلان ڪن، متان ويا آھيو اچئون ٿا، واريون ھوائي خبرون ڪن، اھي يا تہ جاھل آھن يا دشمنن جا ايجنٽ آھن، اھي آخر ۾ سوديبازي ڪري، اوھان کي مارائڻ ۽ سنڌ کي ناڪام ڪرڻ چاھين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايرانين کان سکو، صبر، دليري ۽ طويل، منظم ۽ بيخوف مزاحمت مخالفن کي ٿڪائي وجھندي آھي. آئون سڄي سنڌ کيڙي، ان ۾ پر امن ڊگھي مزاحمت، علم ۽ عقل جا ٻج پيو پوکيان، ڪجھ وقت لڳندو پر پنھنجي ان جرئت، حق ۽ صبر واري طويل جدوجھد مان گونچ ضرور ڦٽندا، گُل ضرور ٽڙندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران رڳو اھو سوچين تہ آخر آھي بي پناھ پئسا گڏ ڪري ڇا ڪندا. ڪيڏانھن ڪندا ايتر. پئسن کي. ڇا حاصل ڪندا. ملڪ کان ٻاھر وڃي رھندا تہ انھن جي اولاد کي بہ خبر آھي تہ اھي پئسا ڪرپشن جا آھن ۽ پوءِ جڏھن پيرسن ٿي ويندا تہ انھن جو اولاد ڪنھن سيٽزن ھوم ۾ ڇڏي ايندو.ڪرپشن ڪري ملڪ، سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھن کي تباھ ڪرڻ بدران ماڻھن جي دلين ۾ جاءِ ٺاھيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ست ڪڙور سنڌي پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران سندن سنڌ حڪومت جي خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے