English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باقراڻي ڀرسان ٻارڙن جي ڳالهه تان اوطاق تي مبينا حملو، هڪ ڄڻو قتل، 6 زخمي
148 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
باقراڻي: يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابو صمد تنيو ۾ ٻارن جي ڳالهه تان مبينا حملو ڪيو ويو
باقراڻي : باقراڻي لڳ يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابوصمد تنيو ۾ معمولي ڳالهه تان جوڻيجا ، تنيا ۽ بروهي برادري جي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ٻئي مٿان ڏنڊن، لٺن جو وسڪارو لائي ڏنو، فائرنگ ، جنهن دوران تنيا ڌر جو 50 ورهين جو عبدالفتاح تنيو پٽ خير محمد تنيو، نوجوان عاقب پٽ مختيار تنيو گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته مختيار تنيو، سرفراز تنيو، محمد يوسف تنيو، فيض محمد تنيو، ڪاشف تنيو ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، اھڙي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا جنهن بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت م علاج لاءِ لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي کڻائي ويا، جتي عبدالفتاح تنيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق بعد مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي تي قهرام مچي ويو، سندس گهر واري سميت ٻيون وارث عورت ۽ معصوم ٻارڙا لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا، ان سلسلي ۾ مقتول عبدالفتاح تنيو جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جوڻيجا ۽ بروهي برادري جي ڏنڊا بردار ۽ هٿياربند ماڻهن اسان جي اوطاق تي حملو ڪري اوطاق تي ويٺل ماڻهن جي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالفتاح تنيو ۽ نوجوان عاقب تنيو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته ٻين کي ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد زخمي عبدالفتاح تنيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، هنن چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي، هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او يونيورسٽي گل حسن بروهي ٻڌايو ته ڳوٺ ابو صمد تنيو ۾ معمولي ڳالهه تان تنيا، جوڻيجا ۽ بروهي برادري جي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عبدالفتاح تنيو فوت ٿي ويو، جڏهن ته زخمي ٿي پيا آهن، اھڙي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو، ڳوٺ ۾ وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاءِ پوسٽ پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي، ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر اڳواٽ ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
باقراڻي ڀرسان ٻارڙن جي ڳالهه تان اوطاق
0 تبصرے