English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
100 views
|
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد () سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ميرپورخاص جي صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ علي شير ۽ پوڙهي سس نسرين اختر جي مبينا جبري گمشدگي بابت داخل آئيني درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پوليس جي وڌيڪ مهلت واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل ساجد زمان ٻڌايو ته شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) پوليس گذريل ٽن مهينن کان لاپتا معصوم ٻار ۽ پوڙهي عورت جي بازيابي بابت عدالت آڏو ڪا به اطمينان بخش اڳڀرائي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته گذريل ٻن ٻڌڻين دوران پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽن کي عدالت رد ڪندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن قابل آفيسر کي جاچ جي ذميواري ڏئي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران پوليس نئين رپورٽ جمع ڪرائي ۽ وڌيڪ وقت جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت لڳ ڀڳ ڏيڍ مهيني جي ڊگهي تاريخ ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي 21 جولاءِ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. پوليس پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته مختلف ذريعن ذريعي جاچ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوششن باوجود اهڙا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، جن مان ثابت ٿئي ته لاپتا ٿيل معصوم ٻار ۽ پوڙهي عورت کي شهيد بينظير آباد پوليس گرفتار يا پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو ته ضلعي ۾ "انسپيڪٽر سعيد" نالي ڪو به پوليس آفيسر مقرر ناهي ۽ لاپتا ماڻهن جو ڪو به ڏوهاري رڪارڊ موجود ناهي. رپورٽ موجب پوليس وڙائچ ايڪسپريس بس سروس کان معلومات، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻيا اهم ثبوت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لاڳاپيل ڌرين سان مؤثر رابطو نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف وڪيل ساجد زمان موقف اختيار ڪيو ته 6 مئي واري ٻڌڻي دوران ايس ايس پي حيدرآباد پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ واقعي جا سمورا تفصيل بيان ڪيا ويا هئا، جن ۾ اهو اعتراف پڻ شامل هو ته معصوم ٻار ۽ پوڙهي عورت کي شهيد بينظير آباد پوليس پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو. وڪيل عدالت پاران وڌيڪ ڊگهي تاريخ ڏيڻ تي مايوسي ظاهر ڪندي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم، وڏي وزير سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي ته ٽن مهينن کان لاپتا معصوم علي شير ۽ پوڙهي خاتون نسرين اختر کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. هن چيو ته متاثر خاندان سخت ذهني اذيت مان گذري رهيو آهي ۽ انصاف ۾ دير ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ
0 تبصرے