English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ٻارن جي مزدوري جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي ابراهيم حيدري ۾ فٽبال ميچ
52 views
|
14th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
فٽبال ميچ جو جو مقصد مزدوري ۾ مصروف ٻارن کي صحتمن، تفريحي ۽ هاڪاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ هو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٻارن جي مزدوري جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم ڊيوڪون (DevCon) پاران ڪي ايم ڊبليو (KMW) جي سهڪار سان هلندڙ چائلڊ پروٽيڪشن پراجيڪٽ تحت ابراهيم حيدري فٽبال گرائونڊ ۾ فٽبال ميچ جو اهتمام ڪيو ويو. پروگرام جو مقصد ٻارن جي مزدوري ۾ مصروف ٻارن کي صحتمند، تفريحي ۽ هاڪاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي کيڏڻ جي حق سميت مجموعي ڀلائي ۽ بهبود کي هٿي ڏيڻ هو، تقريب ۾ ڊيوڪون جي پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر ساجده چنا مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته عابد رضا بلوچ، ايوب شان خاصخيلي، احسان علي خاصخيلي، هارون ناٿاڻي، محمد رفيق ابلواڻي، مقدس ۽ ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي، مقررَن ٻارن جي تحفظ ۽ تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي هن قدم کي ساراهيو ۽ ٻارن کي هاڪاري سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ترغيب ڏني. فٽبال ميچ ۾ ٻارن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، تقريب جي پڄاڻي تي فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن ۾ ٽرافيون ورهايون ويون، جڏهن ته سڀني شرڪت ڪندڙ رانديگرن کي سندن دلچسپي، محنت ۽ سرگرم شرڪت جي اعتراف طور ميڊل پڻ ڏنا ويا، شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻارن کي مزدوري کان محفوظ ماحول، معياري تعليم ۽ صحتمند تفريحي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکہ میں دم ہوتا تو آبنائے ہرمز کھول کر دکھاتا، ابراہیم رضائی کا ٹرمپ کو جواب
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکہ میں دم ہوتا تو آبنائے ہرمز کھول کر دکھاتا، ابراہیم رضائی کا ٹرمپ کو جواب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ٻارن جي مزدوري جي خاتمي
0 تبصرے