English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بحران بعد ضلعي انتظاميه متحرڪ
145 views
|
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق پاران واٽر ڪورس جو دورو
ٺٽو (ڊ ر)مڪلي هاشم آباد سوسائٽي ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ڪافي ڏينهن کان جاري پاڻي جي سخت بحران کانپوءِ ضلعي انتظاميا متحرڪ . ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق، مڪلي واٽر سپلاءِ کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر ڪورس جو بائي پاس روڊ مڪلي تي دورو ڪيو ۽ مقامي ڳوٺاڻن سان ڪامياب ڳالهيون ڪري پاڻي جو وهڪرو بحال ڪرائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مڪلي ۽ هاشم آباد سوسائٽي ڏانهن پاڻي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم، اي ايس پي ٺٽو، ايس ڊي او آبپاشي ۽ ٽائون ڪميٽي مڪلي جو چيئرمين پير زين العابدين جيلاني پڻ انتظاميا سان گڏ هئا. واضح رهي ته هاشم آباد سوسائٽي مڪلي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ايڪشن ڪميٽي جي آواز اٿارڻ ۽ عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي زبردست ڪوريج بعد انتظاميا خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو هو. پر ضلعي انتظاميا پاران مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ۽ مهلت گهرڻ تي ايڪشن ڪميٽي پاران پنهنجو احتجاج هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو. دوري دوران اها ڳالهه سامھون آئي ته واٽر ڪورس جي آخري حصي (ٽيل اينڊ) تي پاڻي نه ملڻ ڪري مقامي ڳوٺاڻن ڪاوڙ ۾ اچي واٽر سپلائي ڏانھن ويندڙ پاڻي جو وهڪرو بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب مڪلي واٽر سپلائي ۽ هاشم آباد سوسائٽي ڏانهن ويندڙ پاڻي مڪمل طور بند ٿي ويو هو ۽ علائقي ۾ ڪربلا جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو هو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي مقامي ماڻهن سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون، سندن اعتراض ٻڌا ۽ گڏيل رضامنديءَ سان معاملي کي حل ڪيو. انتظاميا پاران واٽر ڪورس جي "کانٽي" واري ڪم کي مڪمل ڪري مستقل حل ڪڍڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي، جنهن بعد واٽر ڪورس جو وهڪرو بحال ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مڪلي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي
0 تبصرے