English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سکر واسي جوڙي نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو
143 views
|
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪشش ۽ روهيت عدالت ۾ ڪرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جو مطالبو
نوشهرو فيروز (ڊر)سکر سان تعلق رکندڙ هندو پريمي جوڙي نوشهرو فيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پنهنجي رضا مندي سان هندو مذهب موجب شادي ڪري ورتي. تفصيل موجب، سکر بئراج ڪالوني جي رهواسڻ ڪشش ۽ سکر ايڪسائيز آفيس واري علائقي جي رهواسي روهيت شادي بعد پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هنن پنهنجي مرضي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي. جنهن کانپوءِ ناري جا مائٽ، جن ۾ ساجن، ارهن، ڪالو، جنگو، ڪشور، جوجي، سنيل، هري ۽ آديش شامل آهن، سندن جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته سندن خلاف سکر ۾ ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن سبب هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جوڙي اعليٰ اختيارين، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان اپيل ڪئي ته کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن هو بنا خوف جي سڪون واري زندگي گذاري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
16th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڏاھي ابراھيم جويو آسٽريلوي شھر نيو ڪيسل ۾ جي سالگرھھ ملھائي وئي
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سکر واسي جوڙي نوشهروفيروز جي عدالت
0 تبصرے