English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن: اياز لطيف پليجو
159 views
|
27th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ماڻھو سنڌ ۾ ويٺل نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪن
لنڊن(م ڊ) لنڊن ۾ سنڌي ايسوسئيشن آف يورپ جي آجياڻي واري تقريب ۾ قومي عوامي تحریڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي آجياڻي کي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ماڻھو سنڌ ۾ ويٺل نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪن. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رھيو آھن سنڌي کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي. سنڌ کي طاقت بنجڻ لاء، عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، پنهنجي سماج ۾ اڌ ساڍا ٽي ڪروڙ عورتون ھيٺ ھونديون تہ ڪجھ ڪون ٿيندو۔ سنڌ ۾ عورتون غير محفوظ آھن اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان پرڏيھ ۾ رھندڙ انھن ماڻھن کان بھتر آھيو، جيڪي پاڻ ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان چڱي شعبي يا بھتر ملڪ ۾ پھچي، پوءِ پنھنجي ڪروڙين محروم ۽ مظلوم وطن واسين کان لاتعلق ٿي، ذاتي ترقيءَ، فيملي اسٽيٽس، لئي ۽ مزن جي ڊوڙ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. ذاتي زندگي، خانداني ترقي ۽ انفرادي مزن کي بلڪل وقت ڏجي، پر ان سان گڏ پنھنجي صلاحيتن، وقت، واسطن، ڄاڻ ۽ تجربن جو ويھ کان ٽيھ سيڪڙو حصو پنھنجي قومي بقا، پنھنجي وطن، وسيلن، عوام ۽ انسانيت جي تحفظ، امن، انصاف، برابري ۽ ترقيءَ لاءِ بہ استعمال ڪجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تعليمي ترقي ۽ عوام جي بهتری لاءِ پرڏیھي سنڌين کي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌي عوام جي صحت، تعليم، روزگار ۽ ماحول جهڙن اهم مسئلن تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي نوجوانن کي سیاسي سجاڳي، تعليمي ميدان ۾ اڳتي اچڻ، صحت جي سهولتن کي بهتر ڪرڻ ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ سنجيده قدم کنڻ گهرجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ڊاڪٽرز جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ڇو تہ اهي نہ صرف طبي سهولتون فراهم ڪن ٿا، پر سماجي شعور پڻ بيدار ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو پاڻي، زمينون، جبل، سمنڊ، جزیرہ ۽ معدنيات سنڌ جي ترقي جا بنيادي ٿنڀ آهن. هن زور ڏنو تہ انهن وسيلن جي بهتري، سنڀال ۽ حفاظت هر فرد جو فرض آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد ۽ نوجوان پنهنجي وطن ۾ تعليم، ميرٽ، برابري، ترقي ۽ رواداري لاءِ ڪوششون ڪن. انهن کي ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ عورتن، اقلیتن ۽ ٻارن جي حقن، تعليم ۽ تحفظ لاءِ بہ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجو چيو تہ سنڌ جي ترقي صرف سیاست، تعليم ۽ انصاف سان ممڪن آهي، ۽ هر فرد کي پنهنجي وطن جي بھتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. تقريب ۾ موجود مھمانن سنڌ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
لنڊن ۾ سنڌي ايسوسئيشن آف يورپ
0 تبصرے