ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ (مڊ وائيف) دائين جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سي ايم ڊبليو اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، سي اي ڊبليو اسڪول جي پرنسپال ڊاڪٽر رضيا سلطانا جروار، مليريا جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سرتاج اڪبر جج، ٽي بي پروگرام جي ضلعي آفيسر ڊاڪٽر صدام حسين ڀٽو، ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام شبير سومرو، ممتا پروگرام جي ضلعي مينيجر عمران احمد ٻرڙو سميت صحت کاتي جي عملدارن ۽ اسڪول ۾ پڙھندڙ مڊوائيف شاگردياڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته ڪيڪ پڻ ڪاٽي ھڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍي وئي ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، سي ايم ڊبليو اسڪول جي پرنسپال ڊاڪٽر رضيا سلطانا جروار، ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي ۽ ڊاڪٽر صدام حسين ڀٽو چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ مڊوائيف دائين جي عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي اڳ ڳوٺن ۾ دائيون بنا سکيا جي گھرن ۾ عورتن جون ڊليوريون ڪرائينديون ھيون جنھن سان عورت يا سندس ٻار کي نقصان پڻ ٿيڻ جو خدشو ھوندو ھيو پر ھن اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي مڪمل طور تي سکيا ڏني وڃي ٿي ۽ ھو ٽن سالن تائين پڙھي فارغ ٿين ٿيون جنھن بعد ھو عورتن جا ويم آسانيء سان ڪرائي سگھن ٿيون ۽ ماء توڙي ٻار جو بھتر نموني صحت جي اصولن مطابق خيال رکي سگھن ٿيون انڪري صحت جي شعبي ۾ دائين جو وڏو ڪردار آھي اڄ سندن عالمي ڏھاڙي تي کين ڀيٽا پيش ڪندي سندن خدمتن کي ساراھيندي سندن حوصلا افزائي ڪريون ٿا،
0 تبصرے