ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو

نذير احمد ڏاهري، رزاق ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هارين ۽ آبادگارن طرفان احتجاج ڪيو ويو

ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا مائنر جي کاٽي نہ ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو احتجاجي مظاھرو ڌرڻو. آبادگارن احتجاجي طور پنھنجي مدد پاڻ تحت شاخ جي کاٽي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب ھنڱورجا مائنر جي کاٽي نہ ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين نذير احمد ڏاھري.عبدالرزاق ڏاھري .زاھد چنو.امان الله ڀٽو.پيرل سھتو. عبدالرحمان سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. آبادگارن ۽ ھارين آبپاشي کاتي جي نا اھلي خلاف احتجاجي طور شاخ جي کاٽي جو ڪم شروع ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ھنڱورجا مائنر جي ڪيترن ئي سالن کان کاٽي نہ ٿيڻ سبب شاخ مڪمل پورجي وئي آھي جنھن سبب پڇڙي ۾ پاڻي جو ڦڙو بہ نٿو پھچي ووئڻن جي پوکائي جي مند شروع آھي پر پاڻي نہ ھجڻ ڪري ووئڻن جي پوکائي شروع نہ ٿي سگھي آھي ھنن چيو تہ آبپاشي کاتي جي ڪامورن وٽ دانھون ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير بہ دانھن ٻڌڻ لاء تيار ناھي ھنن چيو اسان احتجاجي طور پنھنجي مدد پاڻ تحت کاٽي جو ڪم شروع ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ شاخ جي مڪمل کاٽي ڪرائي آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني دور ڪئي وڃي.