پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو

بلاول ۽ آصف زرداري مون وٽ تعزيت لاءِ آيا ۽ مان به تعزيت لاءِ ويس هيس

پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو

وارهه(رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني مامرن تي هيون هو مون وٽ تعزيت لاءِ آيا ۽ مان به تعزيت لاءِ ويو هيس پيپلزپارٽي ۾ وڃڻ جو فيصلو ناهي ڪيو وارهہ ۾ اڳوڻي ايم پي اي نجم الدين ابڙو جي وارثن سان تعزيت دوران امير بخش ڀٽو جون ڳالھيون خبر موجب اڳوڻي ايم پي اي سردار امير بخش ڀٽو چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني مامرن تي ھيون ۽ ھو مون وٽ تعزيت ڪرڻ آيا ۽ آئون به ويو ھئس باقي سياسي ڳالھ ٻولھ نٿي آھي نه وري مون پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو ڪو فيصلو ڪيو آهي ھن چيو ته ايران ۽ آمريڪي جنگ سبب سڄي دنيا ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي خاص طور پاڪستان ۾ سخت مشڪلاتون ۽ مھانگائي پيدا ٿي آهي دعا ڪريون ٿا ته صورتحال بھتر ٿي وڃي. امير بخش ڀٽو چيو ته وارھہ جي ماڻھن سان اسان جو پراڻو تعلق آهي ھتان جا ماڻھو سياسي شعور رکندڙ آهن جن وٽ ڏک سک ۾ اچي فرحت محسوس ٿيندي آهي اھڙو اظھار ھن وارھہ ۾ اڳوڻي ايم پي اي نجم الدين ابڙو جي وفات تي سندس وارثن پي پي تعلقي صدر رياض الدين ابڙو ۽ پي پي سٽي صدر بشير احمد چولياڻي جي نياڻيءَ جي وفات تي ساڻن تعزيت ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.