English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: قاسم ٽيڪسٽائل ڪمپني ٻاهران ٻن گروپن ۾ جهيڙو، 3ڄڻا زخمي
125 views
|
16th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون پوليس صورتحال تي ضابطو آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حدن اندر قائم قاسم ٽيڪسٽائل ڪمپني ٻاهران ٻن ٺيڪيدارن، رضا ۽ عادل آرائين جي ملازمن وچ ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي تڪرار پرتشدد جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ورتي. شروعاتي اطلاعن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ پهرين سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي هٿا پائي ۽ جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي عيني شاهدن موجب جهيڙي دوران ٻنهي گروپن جا ماڻهو ڪمپني ٻاهران نڪري آيا ۽ هڪ ٻئي تي ڏنڊن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. جهيڙي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ 30 ورهين جو اصغر کوسو، 25 ورهين جو راشد کوسو ۽ 20 ورهين جو جنيد ڪوري شامل آهن، جن کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي واقعي جي اطلاع ملندي ئي شاهه لطيف ٽائون پوليس جي نفري فوري طور موقعي تي پهچي صورتحال تي ضابطو آندو. پوليس علائقي ۾ امن امان بحال ڪندي وڌيڪ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ نگراني وڌائي ڇڏي آهي پوليس اختيارين موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ جهيڙي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. شروعاتي جاچ موجب جهيڙي جو ڪارڻ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم مان پيدا ٿيل تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس شاهدن جي بيانن ۽ ثبوتن جي روشني ۾ حقيقتن جو تعين ڪري رهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ صورتحال مڪمل طور ڪنٽرول ۾ آهي ۽ شهرين کي پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: قاسم ٽيڪسٽائل ڪمپني ٻاهران
0 تبصرے