English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
79 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٿاڻو اسٽيل ٽائون پوليس موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث هڪ ٽولي خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتوجڏهن ته سندن ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ غلام عباس ولد غلام شبير ۽ آڪاش ولد غلام شبير طور ٿي آهي، جن جي قبضي مان ٻه مڪمل مسروقہ موٽر سائيڪلون ۽ هڪ موٽر سائيڪل جا کولي ڇڏيل پارٽس هٿ ڪيا ويا آهن. ابتدائي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هو گلشن حديد جي بازارن، مسجدن ۽ ٻين هنڌن تان موٽر سائيڪلون چوري ڪندا هئا هٿ آيل موٽر سائيڪلن مان هڪ هونڊا موٽر سائيڪل ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حدن مان چوري ٿيل هئي، جڏهن ته سپر پاور موٽر سائيڪل اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حدن مان چوري ٿيل نڪتي. ان کانسواءِ موٽر سائيڪل نمبر KPI-1168 جا کولي ڇڏيل پارٽس پڻ هٿ ڪيا ويا پوليس موجب جوابدارن خلاف ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻن تي اڳ ۾ ئي ڪيس داخل آهن، جڏهن ته سندن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي پڻ شروع ڪئي وئي آهي. جاچ دوران جوابدارن جو پراڻو ڏوهاري رڪارڊ به سامهون آيو، جنهن موجب سندن خلاف شاهه لطيف، سُکڻ، اسٽيل ٽائون ۽ لانڍي ٿاڻن تي موٽر سائيڪل چوري، ڦر ۽ هٿيارن جي قانون تحت ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ موجود آهي، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن اعظم ولد غلام اڪبر ۽ مجيب ولد نامعلوم جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اي وي ايل سي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث هڪ ٽولي خلا
0 تبصرے