English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت ھيٺ اجلاس
64 views
|
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ پوليو بوسٽر ڊوز مھم جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ پوليو بوسٽر ڊوز مهم بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت، تعليم، ڊبليو ايڇ او (WHO)، يونيسيف (UNICEF) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن مان چار مهينن کان ڏهن سالن تائين عمر وارن ٻارن جو مڪمل ۽ درست ڊيٽا حاصل ڪري، پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران انهن سڀني ٻارن کي لازمي طور تي ويڪسين لڳائي وڃي. هن چيو ته نگراني واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بڻايو وڃي، جيئن ضلعي کي مليل سئو سيڪڙو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو بوسٽر ڊوز بابت عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ان مقصد لاءِ ڀرپور آگاهي مهم هلائي وڃي، جڏهن ته سيمينار ، ورڪشاپون ۽ ڪميونٽي آگاهي پروگرام پڻ منعقد ڪيا وڃن ، جيئن والدين کي ٻارن جي حفاظتي ويڪسينيشن جي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضلعي ٺٽي ۾ پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران هڪ لک 92 هزار 539 ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مهم تحت چار مهينن کان ڏهن سالن تائين عمر جي سڀني ٻارن کي پوليو جي بوسٽر ڊوز ڏني ويندي، جڏهن ته خاص طور تي وڌيڪ خطري وارن (هاءِ رسڪ) علائقن ۽ خاص يونين ڪائونسلن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو، جيئن ٻارن جي قوت مدافيعت ۾ اضافو اچي ۽ کين پوليو جهڙي موذي بيماري کان محفوظ رکيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت سڀني لاڳاپيل کاتن ۽ ڀائيوار ادارن تي زور ڏنو ته هو پاڻ ۾ ڀرپور سھڪار ، مؤثر رابطي ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت پوليو بوسٽر ڊوز مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، جيئن ضلعي ٺٽي کي پوليو کان پاڪ رکڻ واري قومي مقصد جي حاصل ڪرڻ ۾ مؤثر اڳڀرائي يقيني بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي سرمد علي ڀاڳت جي صدارت
0 تبصرے