English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي ٿربچايو ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس اڄ مٺي ۾ ٿيندي
30 views
|
02nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
حڪومت تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ٿربچايو ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس اڄ مٺي ۾ ناميارو قانوندان ۽ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيندي، ڪانفرنس ۾ اديب، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل خطاب ڪندا. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حڪومت تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي. عالمي منڊي ۾ تيل سستو آھي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مھانگو ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. آئي ايم ايف جي شرطن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آھن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري ۽ غربت آھي، جنھنڪري ماڻھون پنھنجن معصوم ٻارن کي قتل ڪري پاڻ خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت تي حملي آور آھي،آصف زرداري اقتدار ۽ پئسن خاطر سمنڊ، بندرگاھ، ٻيٽ، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪوئلو، ڪارونجھر سميت سنڌ جا قومي وسيلا وڪڻي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تمام گھڻي ڪرپشن آھي، ٻوڏ متاثرن جي امداد جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا. بلديات، صحت، تعليم سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ھڪٻئي کان اڳيان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا جو مقابلو ڪيو ويندو. سنڌ جا ماڻھو ترقي، تبديلي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرپٽ حڪمرانن کي اليڪشن ۾ رد ڪري ڇڏين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
Karonjhar
QAT
ayaz
Latif
Palijo
0 تبصرے