English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪارونجهر جي نيلامي سنڌ جي نيلامي سمجهون ٿا: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
48 views
|
01st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
هڪ بل ذريعي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 13 لک ايڪڙ زمين خالي ڪرائي پوکائي لاءِ دفاعي ادارن کي ڏني پئي وڃي
خيرپور: خيرپور ۾ جسقم اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي ٿري ماڻهن جي جياپي جو مسئلو آهي ان جي نيلامي سنڌ جي نيلامي سمجهون ٿا هنن چيو ته سنڌ جي عوام جي شديد ردعمل کانپوءِ ڪارونجهر جي نيلامي کي منسوخ ڪيو ويو آهي ان جي باوجود جيڪڏهن ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي وئي ته سنڌ جا حلالي پٽ خاموش نه ويهندا هنن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ون ونڊو آپريشن جي نالي سان تڪڙو بل پاس ڪرايو ويو آهي جنهن تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 13 لک ايڪڙ زمين خالي ڪرائي پوکائي لاءِ دفاعي ادارن کي ڏني پئي وڃي هنن چيو ته هي واحد ملڪ آهي جتي زمينون پوکائي لاءِ دفاعي ادارن جي حوالي ڪيون پيون وڃن جيتوڻيڪ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جا دفاعي ادارا پوکون ناهن ڪندا، دراصل هي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جي سازش آهي هنن چيو ته سنڌ وطن تان ڌارين جو قبضو ڇڏائڻ ۽ افغانين جي نيڪالي تائين مستقل جدوجهد جاري رکي ويندي جڏهن ته غير قانوني طور زمينن تي قبضن ۽ غير قانوني طور تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف جدوجهد ڪندا رهنداسين ڀل رياست جون سختيون ڇونه برداشت ڪرڻيون پون هنن وڌيڪ چيو ته خيرپور ۾ 400 سئو ايڪڙ سنڌي ماڻهن جي زمين پٺاڻن کي وڪرو ڪري ڏني وئي آهي جيڪا پٺاڻن بلڊرن کي پن وڪرو ڪئي آهي اهڙي عمل جو مک جوابدار ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آهي جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان 22 اگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو هنن وڌيڪ چيو ته ٻه سال گذرڻ باوجود سکر پوليس معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، پوليس کاتي جو ڪم امن امان قائم رکڻ ۽ عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي پر ان جي باوجود ماڻهو اغوا پيا ٿين هنن چيو ته ايس ايس پي سکر مغوي ٻارڙي پريا ڪماري جي وارثن سان واعدو ڪيو هو ته 10 محرم تائين هو پريا ڪماري کي بازياب ڪرائيندو پر ايس ايس پي جو واعدو وفا نه ٿيو آهي تنهنڪري 3 اگسٽ تي ايس ايس پي آفيس سکر اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Doctor
Niaz
Niyaz
Kalani
JSQM
Khairpur
Karonjhar
Mount
0 تبصرے