English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪارونجهر جي نيلامي سنڌ جي نيلامي سمجهون ٿا: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
110 views
|
01st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
هڪ بل ذريعي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 13 لک ايڪڙ زمين خالي ڪرائي پوکائي لاءِ دفاعي ادارن کي ڏني پئي وڃي
خيرپور: خيرپور ۾ جسقم اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي ٿري ماڻهن جي جياپي جو مسئلو آهي ان جي نيلامي سنڌ جي نيلامي سمجهون ٿا هنن چيو ته سنڌ جي عوام جي شديد ردعمل کانپوءِ ڪارونجهر جي نيلامي کي منسوخ ڪيو ويو آهي ان جي باوجود جيڪڏهن ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي وئي ته سنڌ جا حلالي پٽ خاموش نه ويهندا هنن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ون ونڊو آپريشن جي نالي سان تڪڙو بل پاس ڪرايو ويو آهي جنهن تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 13 لک ايڪڙ زمين خالي ڪرائي پوکائي لاءِ دفاعي ادارن کي ڏني پئي وڃي هنن چيو ته هي واحد ملڪ آهي جتي زمينون پوکائي لاءِ دفاعي ادارن جي حوالي ڪيون پيون وڃن جيتوڻيڪ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جا دفاعي ادارا پوکون ناهن ڪندا، دراصل هي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جي سازش آهي هنن چيو ته سنڌ وطن تان ڌارين جو قبضو ڇڏائڻ ۽ افغانين جي نيڪالي تائين مستقل جدوجهد جاري رکي ويندي جڏهن ته غير قانوني طور زمينن تي قبضن ۽ غير قانوني طور تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف جدوجهد ڪندا رهنداسين ڀل رياست جون سختيون ڇونه برداشت ڪرڻيون پون هنن وڌيڪ چيو ته خيرپور ۾ 400 سئو ايڪڙ سنڌي ماڻهن جي زمين پٺاڻن کي وڪرو ڪري ڏني وئي آهي جيڪا پٺاڻن بلڊرن کي پن وڪرو ڪئي آهي اهڙي عمل جو مک جوابدار ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آهي جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان 22 اگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو هنن وڌيڪ چيو ته ٻه سال گذرڻ باوجود سکر پوليس معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، پوليس کاتي جو ڪم امن امان قائم رکڻ ۽ عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي پر ان جي باوجود ماڻهو اغوا پيا ٿين هنن چيو ته ايس ايس پي سکر مغوي ٻارڙي پريا ڪماري جي وارثن سان واعدو ڪيو هو ته 10 محرم تائين هو پريا ڪماري کي بازياب ڪرائيندو پر ايس ايس پي جو واعدو وفا نه ٿيو آهي تنهنڪري 3 اگسٽ تي ايس ايس پي آفيس سکر اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Doctor
Niaz
Niyaz
Kalani
JSQM
Khairpur
Karonjhar
Mount
0 تبصرے