English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حڪمرانن سنڌ وڪڻي ڇڏي، هاڻي ڪارونجهر کپائڻ چاهين ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي
223 views
|
07th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڪارونجهر کي ڪوري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ هنن پيپلن جو هٿ آهي، هي چاهين ٿا ته وسيلا تين وال ڪري ڇڏجن
ننگرپارڪر (رپورٽر) ننگرپارڪر ۾ ايس ٽي پي جو ڪارونجهر بچايو جلسو، ڊاڪٽر قادر مگسي جي شرڪت، گلن جي ورکا، ڪارونجهر جي نيلامي خلاف نعرا. ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڪارونجهر کي ڪوري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ هنن پيپلن جو هٿ آهي، هي چاهين ٿا ته وسيلا تين وال ڪري ڇڏجن، دنيا ۾ جيڪي به جنگين دوران ڪي عمارتون بچيل آهن ته اتي جا حڪمران اُنهن کي بچائي نمائيش طور رکيو ويٺا آهن ۽ ماڻهن کي تاريخ ٻڌائيندا آهن پر هتان جا حڪمران اُنهن شين کي محفوظ بڻائڻ بدران ويتر وڪڻي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن. هن چيو ته ڪينجهر ۽ ڪارونجهر تي قبضي جي ڪوشش ڪري سنڌ جي وسيلن کي کائي کپائي رهيو آهي، اسان سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، عوام ساٿ ڏي ته هنن ڪرپٽ حڪمرانن جون نااهليون ظاهر ڪجن، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام هنن کان ڪارونجهر کپائڻ جو پڇاڻو ڪري، چورن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ٿرڪول منصوبن مان بجلي پيداور باوجود هتان جي ماڻهن کي ٽڪي جو به رليف ناهي ملي سگهيو، ٿرواسي روزگار لاءِ دربدر آهن ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر ڪروڙين سنڌين جو آهي، نيلامي جا خواب ڏسندڙ پنهنجي حدن ۾ رهن، اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي هاڻي هو ڪارونجهر وڪڻڻ چاهين ٿا، اسان ٻُڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪارونجهر اسان جي سڃاڻپ ۽ ثقافت آهي، جنهن ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏبيون، کيرٿر ۽ ڪاڇو ڪوهستان بحريا ٽائون حوالي ڪيا ويا آهن. جلسي کي ايس ٽي پي جي اڳواڻ شاهنواز سيال، گهنشام مالهي، ڏيوجي ڀيل ۽ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ چاچا الهرکيو کوسو به خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
qadir magsi
PTI
Sindh
Karonjhar
Nangarparkar
0 تبصرے