English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت هيٺ جشن آزادي بابت گڏجاڻي
views
|
08th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ 14 آگسٽ تي 76 هون يوم آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهائڻ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو جي صدارت هيٺ جشن آزادي جي تيارين بابت گڏجاڻي منعقد -ٺٽي ضلعي ۾ 14 آگسٽ تي 76 هون يوم آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهائڻ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي، 76 هين يوم آزاديءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي سمورا ادارا ملڪ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪن ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪن ته جيئن نوجوانن ۾ آزادي جي اهميت ۽ پنهنجي هيروز بابت شعور پيدا ٿي سگهي. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳايا وڃن ۽ جشن آزادي کي شاندار نموني سان ملهائڻ لاءِ اسڪولن ۽ آفيسن ۾ جشن آزادي جا پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏو گڏ سرڪاري عمارتن ۽ گاڏين کي قومي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل مختلف کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي کان اڳ ضلعي جي خانگي ۽ سرڪاري عمارتن خاص ڪري اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائين ۽ سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر جشن آزادي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجن لاڳاپيل تعلقن ۾ تعليم، سماجي ڀلائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن عملدارن سان گڏجاڻيون منعقد ڪن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تي ضلعي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڪستان جي نظريي ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريري ۽ قومي گيتن جا مقابلا ڪرايا وڃن ته جيئن نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي تقريري مقابلن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي انعام، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جشن آزادي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 14 آگسٽ تي ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائن سان ڪئي ويندي جڏهن ته مُک تقريب پوليس لائن مڪلي ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ۽ ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو پرچم ڪُشائي ڪندا ۽ پوليس اسڪائوٽ جو دستو سلامي پيش ڪندو. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ داخل مريضن ۽ جيل جي قيدين ۾ مٺائي ۽ فروٽ پڻ ورهايا ويندا. گڏجاڻي ۾ سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، صحت، تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ مختلف اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Thatto ADC
One
Munwar Abbass Soomro
Meeting
0 تبصرے