English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
راڻيپور واقعي خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاجي ريلي، پير توڙي عورتون ۽ ٻارڙا بھ شريڪ
views
|
22nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
معصوم نينگري فاطمھ ڦرڙو سان ظلم ڪندڙ ظالمن کي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي: مظاھرين جو مطالبو
ميرپورخاص (بيورورپوٽ) راڻي پور جي حويلي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل معصوم نياڻي واري واقعي خلاف سنڌ جي وڏي پيراڻي گادي پير ابراهيم جان سرهندي درگاھ ( گلزار خليل) جا پير، عالم دين سياسي سماجي اڳواڻ صحافي وڪيل مصوم ٻارڙا عورتون معزور به روڊن تي نڪري احتجاج ڪندي ظالم پير اسد کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صحافت ميرپوخاص پاران راڻي پور ۾ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو سان جنسي زيادتي بعد بيرحماڻي قتل خلاف وڏي احتجاجي ريلي ايوان صحافت کان اسٽيشن چوڪ کان ٿيندي پوسٽ آفيس چوڪ تائين ڪڍي وئي.ريلي ۾ شريڪ صحافين سميت سياسي سماجي ، مذھبي ، ڪاروباري ، وڪيل برادري ، اسڪول جي ٻارڙن ، عورتن ، معذورن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي ۾ سنڌ جي وڏي درگاھ پير ابراهيم جان سرهندي خليلي جماعت جي پيرن ، پير حماد جان سرهندي ، پير زبير جان سرهندي ، علماء ايڪشن ڪميٽي جي مولانا حفيظ الرحمان فيض ، تحريڪ انصاف اڳواڻ آفتاب قريشيءَ ، پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ اسلام آباد جي اطلاعات سيڪريٽري، ڊاڪٽر شھناز سولنگي ، عورتن جي سماجي اڳواڻ افشين اقبال ، دستگيري ويلفيئر پاڪستان جي صدر محمود احمدي صابري، مولانا حاڪم گشڪوري ، ايوان صحافت جي صدر فضل شر ، مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ سردار فاروق لغاري ، نظر مھر ، ملڪ عبدالرزاق ، آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي ڊيوزنل صدر فيصل زئي ، جماعت اسلامي جي نور الاھي مغل ،وي وانٽ يونيورسٽي تنظيم جي اڳواڻ محمد ناصر اقبال، سماجي اڳواڻ معيز پاڪستاني، عبدالرشيد شيخ ، شاگرد اڳواڻ علي حسن لغاري ، گلستان معزورين جي اڳواڻ قمر ملڪ اي ڪي فائونڊيشن جي اڳواڻ اظھر عباسيءَ ، تاجر اڳواڻ ڪامران ميمڻ ، سماجي اڳواڻ احمد خان مري ، وڪيل دانيال ملڪ ، ھندو برادري جي اڳواڻن نارائڻ داس ميگھواڙ، ٽيڪم داس مالھي ،جئپال مالھي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھميشه امن ڀائيچاري ، محبت جي سرزمين رھي آھي جٿي بزرگان دين ، درگاھون درسگاهن جو مرڪز رھيو آھن اتي راڻي پور جي جعلي پير اسد شاھ وحشياڻو عمل ڪري سنڌ ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين کي لڄائي ڇڏيو آھي ھنن چيو ته سنڌ جا حقيقي وارث ، ان ظالماڻي عمل خلاف سخت مذمت ڪندي احتجاج ڪري رھيا آھن ۽ پير اسد شاھ سميت تمام اھڙي وحشي ڪردارن کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيا آھن مظاهرين نگران وزيراعظم ، آرمي چيف ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ جي نگران وزير اعلٰي کان مطالبو ڪيو ته پير اسد شاھ کي نه صرف عبرتناڪ سزا ڏني وڃي بلڪ ان سڄي عمل پويان لڪل ڪردارن کي وائکو ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Mirpurkhas
Ranipur
fatima
sana
Murder
Rape
0 تبصرے