English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حويلي مان پراسرار نموني گم ٿيل ناري ثنا گراماڻي جي والد جا ايس ايس پي تي الزام
228 views
|
22nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي خيرپور پاڻ وٽ گھرائي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪيس داخل نٿو ڪري: ديدار گراما
قمبر : راڻيپور جي پيرن جي حويلي مان گم ٿي ويل قمبر جي ڳوٺ ميڻا واسڻ ناري ثنا گراماڻي جي واقعي جو نگران وڏي وزير طرفان نوٽيس وٺڻ بعد سندس والد ديدار گراماڻي سان ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو طرفان رابطو ڪري پاڻ وٽ گهرائي ورتو آھي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ناري جي والد ديدار گراماڻي ٻڌايو تہ هينئر اسين خيرپور ۾ ايس ايس پي هائوس ۾ ويٺا آھيون ايس ايس پي ڪجهہ ڪلاڪ اڳ اسان سان ملي بيان ورتا مون کيس چيو تہ ثنا اسان ڏيڍ سال اڳ پير سهيل شاه وٽ حويلي ۾ سام طور ڇڏي آيا آھيون اها اتان ڪيڏانهن وئي اهو پير ئي ٻڌائي سگهي ٿو منهنجي نوجوان ڌي ڪاٿي آھي اهو دڳ پير ٻڌائيندا اسان ايس ايس پي کي چيو تہ اسان کي پيرن کان دڳ وٺي ڏي يا اسان جو ڪيس داخل ڪيو و وڃي ڪيترن ڪلاڪن کان ويهاريون ويٺو آھي رڳو دلاسا ڏئي رهيو آھي ڪيس داخل نہ ٿو ڪري ناري جي والد چيو تہ اسان کي مختلف ماڻھو پيرن جا مريد ۽ ٻيا وڏا ماڻھو فون ڪري چون ٿا تنهنجي ڌي کي گڏجي ڳولهينداسين پيرن مٿان ڪيس داخل نہ ڪراء مون کين چيو تہ منهنجي ڌي ڪٿي آھي ڪاڏي وئي اهو سمورو دڳ پير وٽان ملندو هن مطالبو ڪيو تہ گم ٿيل نوجوان ڌي واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sana
guramani
haveli
ranipur
0 تبصرے