English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ تي انڪروچمينٽ ۽ روينيو عملي جي چڙھائي، مڇريل ماڻھن جو ڌرڻو
127 views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
مڇريل ماڻحن پاران ايوب ڳوٺ کان سپر ھاءِ وي ويندڙ مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل
ڪراچي (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ ۾ انڪروچمينٽ ۽ روينيو عملي جي چڙھائي. مڇريل ماڻھن انتظاميه خلاف احتجاج ڪري ايوب ڳوٺ کان سپر ھاءِ وي ويندڙ مين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي. احتجاجي ڪيمپ تي سياسي سماجي اڳواڻن نور خان برفت. ديدار چانڊيو. سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس رمضان بليدي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالستار برفت. صفدر ابڙو. مير گل جمالي ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي سنڌ نيشنل پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جون سازشيون ڪيون پيون وڃن، جنھن جي ھو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا ، سنڌ نيشنل پارٽي ڪراچي ۾ آباد سنڌي ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ لاء ھميشه اڳڀري رھندي، سنڌ جي دل ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن کي لاوارث نه ڇڏيو ويندو، جيڪڏھن نگران حڪومت ۽ اعلي عدالتن کي سرڪاري زمينون خالي ڪرائڻيون آھن ته پوء ھزارين ايڪڙ زمين تي پناھگير ۽ ڌاريا آباد آھن انھن کان خالي ڪرايون وڃن، صرف ڌرتي ڌڻين جا قديم ماڳ خالي ڪرائڻ سڌي سئين تعصب پرستي آھي، جنھن کي سنڌ نيشنل پارٽي سميت سنڌ جون ٻيون قومپرست پارٽيون ۽ سنڌ پرست ڪڏھن به سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي يوسي چيئرمين نور خان برفت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان نور محمد ڳوٺ ڊاهڻ جو ڪو به حڪم ناھي آيو، انتظاميه لينڊ مافيا جي ونگار تي ھتي پھتي آھي، اسين ھن ڌرتي جا وارث آھيون ڪڏھن به ڳوٺ ڊاھڻ نه ڏينداسين ۽ سخت مزاحمت ڪرڻي پئي ته ڪنداسين پر پنھنجي ڳوٺ کي ڊاھڻ نه ڏينداسين، ديدار چانڊيو چيو ته گورنر سنڌ ڳوٺن کي ڊاھڻ جون سازشيون شروع ڪيون آھن، پر سندس ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي پنھنجي ووٽرن جي مالڪي ڪري ھي اھي ڳوٺ آھن جن ھميشه پ پ پارٽي لاء قربانيون ڏنيون آھن، ڳوٺاڻن عائشه۔ نسرين ۽ ٻين چيو ته ھڪ ھڪ پيسو جمع ڪري گھر ٺھرايا، جڏھن اسان جا گھر ٺھي رھيا ھيا ان مھل پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ڳري رشوت وٺي اسان کي گھر ٺاھڻ جي اجازت ڏني، اڄ اسان جا گھر غير قانوني ڪيئن ٿيا، سنڌ ھاء ڪورٽ جي آرڊر جي ڌمڪي ڏئي اسان جا گھر ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃين اگر اسان جا گھر ڊاھيا ويا ته اسين پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين ، ھنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو تہ ڪراچي ۾ آباد سنڌي ڳوٺن خلاف ڪاروائيون بند ڪري ڳوٺن کي ليز ڏئي پڪو ڪيو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
karachi gaddap
encroachment
opration
0 تبصرے