English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم پاران ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا گھٽائڻ جي ھدايت
180 views
|
23rd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڊيزل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جي ڪري ڀاڙن ۾ گھٽتائي آندي وڃي: محمد ارسلان سليم
نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ضلعي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي ڊيزل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڀاڙا گهٽائين، ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن سمورن ٽرانسپورٽرن کي چيو ته فوري طور تي پبلڪ ٽرانسپورٽ مان سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر هٽايا وڃن ٻي صورت ۾ انهن خلاف ڪارروائي ڪري گاڏيون بند ڪيون وينديون. هو اڄ پنهنجي آفيس ۾ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ ٽرانسپورٽرن جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ڊي ايس پي موٽر وي پوليس قمر زمان کوسو، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٽريفڪ سارجنٽ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو آهي، اهو رليف ڀاڙن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ عام مسافرن تائين پهچڻ گهرجي. هن سمورن ٽرانسپورٽ مالڪن کي هدايت ڪئي ته ڀاڙن جي لسٽ ٽرانسپورٽ جي اڏن ۽ گاڏين ۾ نمايان جاءِ تي لڳائين. سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀاڙا چيڪ ڪندا ۽ وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورن پبلڪ ٽرانسپورٽ مان سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر فوري طور تي هٽايا وڃن، هن سمورن ٽرانسپورٽرن کي هدايت ڪئي ته هو سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيس کان فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ حاصل ڪن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪن انھن جي خلاف روزاني جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز
ڊپٽي ڪمشنر
ارسلان سليم
پبلڪ ٽرانسپورٽ
ن ٽرانسپورٽرن
0 تبصرے