English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏيل قومن کي ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: اسد علي خان
views
|
27th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت آخري دم تائين جاري رهندي: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو
ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) گڏيل قومن کي ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسد علي خان، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ۽ سندن آزادي جي جدوجهد آخري دم تائين جاري رهندي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، پوري ملڪ جيان ٺٽي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميہ پاران ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڊي سي چوڪ مڪلي تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ ڪشميري جهنڊا کڻي ڀارت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو ته پاڪستان جي عوام، حڪومت پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري هر سال 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهن، 27ـ آڪٽوبر 1947 تي ڀارت پنھنجي فوج ڪشمير ۾ آڻي ناجائز قبضو ڪري ورتو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته ان ڏينهن کان وٺي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو هڪ اهڙو دور شروع ٿيو آهي جو ڪشميري بنيادي انساني حقن کان مڪمل طور محروم ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڀارت 5ـ آگسٽ 2019ع کان ھڪ مذموم مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪو غيرقانوني قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهي، 76 سالن کان ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي کي دٻائي رکيو آهي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي طور تي حمايت جاري رکنداسين ۽ سندن آزادي واري جدوجهد ۾ آخري دم تائين گڏ آھيون ۽ انشاءَ الله ھڪ ڏينھن ڪشمير بڻجي رھندو پاڪستان. هن چيو ته گڏيل قومن ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو، هاڻي گڏيل قومن کي گهرجي تہ ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ريلي کي ايس ايس پي علي بخش عرف آفتاب احمد نظاماڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو سجاد احمد انصاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، شاگردن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ريلي ۾ تعليم، صحت، پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ عملي، اُستادن، شاگردن، مختلف اين جي اوز، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
0 تبصرے