English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏيل قومن کي ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: اسد علي خان
207 views
|
27th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت آخري دم تائين جاري رهندي: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو
ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) گڏيل قومن کي ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسد علي خان، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ۽ سندن آزادي جي جدوجهد آخري دم تائين جاري رهندي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، پوري ملڪ جيان ٺٽي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميہ پاران ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڊي سي چوڪ مڪلي تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ ڪشميري جهنڊا کڻي ڀارت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو ته پاڪستان جي عوام، حڪومت پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري هر سال 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهن، 27ـ آڪٽوبر 1947 تي ڀارت پنھنجي فوج ڪشمير ۾ آڻي ناجائز قبضو ڪري ورتو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته ان ڏينهن کان وٺي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو هڪ اهڙو دور شروع ٿيو آهي جو ڪشميري بنيادي انساني حقن کان مڪمل طور محروم ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڀارت 5ـ آگسٽ 2019ع کان ھڪ مذموم مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪو غيرقانوني قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهي، 76 سالن کان ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي کي دٻائي رکيو آهي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي طور تي حمايت جاري رکنداسين ۽ سندن آزادي واري جدوجهد ۾ آخري دم تائين گڏ آھيون ۽ انشاءَ الله ھڪ ڏينھن ڪشمير بڻجي رھندو پاڪستان. هن چيو ته گڏيل قومن ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو، هاڻي گڏيل قومن کي گهرجي تہ ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ريلي کي ايس ايس پي علي بخش عرف آفتاب احمد نظاماڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو سجاد احمد انصاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، شاگردن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ريلي ۾ تعليم، صحت، پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ عملي، اُستادن، شاگردن، مختلف اين جي اوز، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
0 تبصرے