English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ۾ پي وي ڊي پي پاران مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي
views
|
05th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
جنرل فزيشن، زنانا بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرياڻين ، اکين جي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ماھر ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو
ميرپورخاص (بيورو) ميرپورخاص جي سماجي تنظيم پي وي ڊي پي پاران ايڪشن ميڊور جرمني جي سهڪار سان هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي. تفصيل موجب ميرپورخاص جي سماجي تنظيم PVDP پاران ايڪشن ميڊور جي سهڪار سان ڳوٺ عبدالڪريم مهر يوسي جھلوري ۾ هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. جنهن ۾ جنرل فزيشن، زنانا بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرياڻين ، اکين جي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ماھر ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته آءِ آر ڊي پاران ڪيمپ ۾ مريضن جا 300 کان وڌيڪ مفت ايڪسري، بلگم ۽ هيپاٽائيٽس (سي) جا ٽيسٽ ڪيا ويا. ڪيمپ ۾ ايڪسري ۽ بلگم ٽيسٽ جي فوري رزلٽ لاء موبائل سروس جو پڻ انتظام ڪيو ويو. ڪيمپ ۾ سمورن مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون ويون، ان موقعي تي پي وي ڊي پي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم ڊومينڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي وي ڊي پي جي طرفان هي ڪيمپ ايڪشن ميڊور جرمني سھڪار سان غريب ماڻهن ۾ بيمارين جي ڄاڻ لاءِ آهي. جنهن ۾ IRD مفت ٽيسٽ سرور فراهم ڪيو آهي جنهن ذريعي ڳوٺاڻن تي مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ۽ ڪيمپ ۾ 1200 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ کين دوائون فراهم ڪيون ويون، پي ڊي پي جو مقصد ڳوٺن جي ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.ان موقعي تي پرويز حيدرـ لينا خالد زاھد پنھور ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميرپورخاص
سماجي تنظيم
PVDP
ايڪشن ميڊور جرمني
0 تبصرے