English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ ھينڊس پاڪستان جي سالياني ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب منعقد
171 views
|
23rd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ھينڊس پاڪستان جي سالياني ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب منعقد
لاڙڪاڻو: پاڪستان جي نامياري سماجي تنظيم ھينڊس پاڪستان پاران سالياني نيشنل ڪانفرنس 2023 ۽ سالياني ايوارڊ تقريب آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ۾ منقعد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف شعبن توڙي سماجي تنظيم جي اڳواڻن سان گڏ عورتن ٻارن اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، سالياني ڪانفرنس 2023 ۽ ايوارڊ تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ پاڪستان جي قومي تراني سان ڪيو ويو، جڏهن تہ آيل مھمانن ۾ ھينڊس پاڪستان ھيڊ آفيس کان مقبول احمد راھو چیف ایڇ آر او ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، احمد بخش دايو ايڇ او ڊي واش ڊپارٽمينٽ، اعجاز جاگيراڻي صوبائي محتسب اعلي لاڙڪاڻو، آصف رضا چولياڻي اي ڊي سي ون لاڙڪاڻو، علي ظفر لاھوري ڊي اي او پرائمري، ثنا ﷲ آغاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيڪنڊري، صفدر ڀٽو، ميڊم زينت کھڙو ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائمري، فدا حسين آءِ آر پي، اسد جتوئي سرسو، عبدالجبار عباسي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر لاڙڪاڻو، انعام الاهي وڳڻ ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيوٽو مينجر لاڙڪاڻو، اطھر عباس چنا ڊسٽرڪٽ فنانس آفیسر لاڙڪاڻو ۽ اسڪول ڪو آرڊينيٽرس، آيل ايڇ وي سان گڏ ھينڊس پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽاف ۽ عورتن ٻارڙن شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هينڊس پاران مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته نمايان ڪاڪردگي ڏيکاريندڙن کي ھينڊس پاڪستان پاران ايوارڊ توڙي حسن ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏهن تہ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ اسڪول ڪوآرڊينيٽرس آفتاب احمد، خوش محمد، ذيشان متيلو اجي ڪمار ۽ ھيلٿ صحت صفائي ڏيندڙ آيل ايڇ وي نائلا ککراڻي سميت واش ڊپارٽمينٽ ۾ عادل سولنگي، مرتضي علي، رقيا شاهه، فنانس ڊپارٽمينٽ اطھر عباس چنا، سجاد مشوري ۽ ٻين کي بہ پڻ ايوارڊ توڙي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، ان موقعي تي سلهاڙيل اڳواڻن چيو ته ھينڊس پاڪستان سماجي ڪمن ۾ مصروف عمل رھي آھي اسان لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آھيون ايجوڪيشن جي ميدان ۾ اسان يو ايس ايڊ جي تعاون سان تعمير ٿيل اسڪولن ۾ اسان جا اسڪول ڪو آرڊينيٽرس توڙي ايل ايڇ وي تمام بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن، جڏھن ته اڄ جي تقريب جو خاص مقصد سالياني ايوارڊ سان گڏ ورلڊ ٽوئليٽ ڊي جي اھميت به شامل آهي، اسڪول جي شاگردن ورلڊ ٽوئليٽ ڊي تي ٽيبلو پڻ پيش ڪيو. انعام الاهي وڳڻ ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيوٽو مينجر لاڙڪاڻو پاران آيل مھمانن جو ٿورو مڃيو ۽ ان وڌيڪ چيو ته اھڙي قسم جا پروگرام ھينڊس پاڪستان مختلف وقتن تي ڪرائيندي رھي آھي اسان جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ لاڙڪاڻي جي ماڻهن جي خدمت ڪندا رھون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
hands
USaid
larkana
سماجي تنظيم ھينڊس
ھينڊس پاڪستان
0 تبصرے