English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪوٽڏيجي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور جي عدالت ۾ پيش، جوابدارن تي اغوا ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام
views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڪوٽڏيجي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور جي عدالت ۾ پيش، جوابدارن تي اغوا ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام
خيرپور(ڊ ر) ڪوٽڏيجي مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور جي عدالت ۾ پيش، جوابدارن مٿان گهر ۾ گهري ڦرلٽ بعد اغوا ۽ جنسي زيادتي جا الزام، پوليس طرفان ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، ابتو جوابدارن طرفان جاني مالي نقصان جي ڌمڪين جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ عبدالرزاق والا مان 17 آڪٽوبر تي هٿياربندن هٿان مبينا گهر ۾ گھري ڦرلٽ بعد نائين درجي جي شاگردياڻي نوجوان ناري مسمات طيبه ڌيءَ محمد سليمان والا خيرپور جي فيملي جج مسز نور صبا جي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ھن ئ ڄاڻايو ته جوابدار ظفر علي، مير خان، اعجاز علي عرف پکي، مشتاق ۽ شهزادو بروهي جتوئي 17 آڪٽوبر تي اسان جي گهر ۾ هٿيارن جي زور تي داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر ۾ رکيل 8 تولا سونا زيور ۽ ڏيڍ لک رپيا روڪ ۽ هڪ رائفل ڦرڻ بعد مون کي زبردستي وارن مان گهلي هڪ ڪار ۾ اغوا ڪري نامعلوم هنڌ رکيائون ۽ نشو ڏيندا رهيا ۽ نشي جي حالت ۾ مختلف جاين تي رهائيندا هيا ۽ وحشي جوابدارن مختلف وقتن مون سان زناهه پڻ ڪندا رهيا، هن عدالت کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي. ھوڏانھن جوابدارن خلاف ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس طرفان جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ ڪيس تان ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف ناري طيبه پنهنجي وارثن محمد سليمان والا، رستم والا ۽ ٻين سان گڏجي خيرپور ۾ احتجاج ڪيو ھن ٻڌايو ته ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جڏهن ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدار توڙي علائقي جا بااثر بروهي جتوئي برادري جي ناروز خان، علي گل، حسن علي، نصرالله ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. انڪار ڪرڻ تي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
خيرپور
ڪوٽڏيجي مان مبينا
khairpur
girl lady
rape kidnapping
0 تبصرے