English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي: اياز لطيف پليجو
275 views
|
05th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي: اياز لطيف پليجو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ جون ايليا ڪانفرنس ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو تہ ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي. تون کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي تون سنڌ جي ڪچي ۽ ڪچي جو نولکو ھار آھين. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هاڻي ذاتي مفادپرستن جي لالچ ۾ نہ ايندا، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.اهو ئي ترقي جو رستو آهي. شاگرد ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ جون ايليا اردو جو بي مثال روايت شڪن ۽ باغي شاعر هو، جون ايليا جي طرز ۽ روايت شڪني جي تقليد کي ڪو بہ شاعر نہ ڪري سگهيو. جون ايليا نوجوانن لاءِ ذهن ساز ۽ رجحان ساز شاعر آهي. ادب ۽ شاعري کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن، اردو ۽ سنڌي شاعري امن، مساوات ۽ محبت جي شاعري آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي. اسان کي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن سنڌ عظيم تھذيب جي سرزمين آھي، سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ جي وسيلن کي لٽي عظيم تھذيب جي سرزمين جي مالڪن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي شفافيت لاءِ روڊ ميپ ڏيڻو پوندو استحصال، غربت ۽ تعصب جي ڪري سماجي ۽ خانداني قدر تباھ ٿي ويا آهن وچولو طبقي ۽ نوجوانن کي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي مسئلن جو حل هڪ سچي، منصفاڻي ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي حڪمرانن جي ايجنڊا مان عورتون، هاري، اقليتون ۽ مزدور غائب آهن، اهي حڪومتون جيڪي عوام کان پئسا کسي وٺنديون، اهي ڪهڙي حڪومت ڪنديون؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ دشمن قوتون ملڪ ۾ عدم استحڪام جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگردي، تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو لازمي آهي. سنڌ ۽ ملڪ مان سمورن غير قانوني پرڏيهين کي وطن واپس موڪليو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
john
john elia
ayaz latif palijo
ڪراچي
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي
0 تبصرے