English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽي جي صدارت ھيٺ پوليو بابت گڏجاڻي
views
|
18th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽي جي صدارت ھيٺ پوليو بابت گڏجاڻي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت ھيٺ ايندڙ پوليو مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت گڏجاڻي منعقد، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت ھيٺ 8ـ کان 14ـ جنوري 2024ع تائين جاري رھندڙ پوليو خلاف مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار ھال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بھتر بڻائين تہ جيئن ڪوبہ ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي نہ وڃي. ھُن چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جنهن جو خاتمو اسان سڀني جو قومي فرض آهي، ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاھي برداشت نہ ڪئي ويندي، مقرر ھدف ھر صورت ۾ حاصل ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر مرف انتظاميہ ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو سمورن صحت مرڪز ۾ چوويھ ڪلاڪ اي پي آئي سينٽر فعال رکن تہ جيئن تازن ڄاول ٻارڙن کي موقعي تي ئي مخلتلف بيمارين کان بچاءُ جي وڪسين سميت پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بنائي سگهجي. ھُن سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ھو مائڪرو پلان کي بھتر بڻائين ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ بعد فنگر مارڪنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ھن چيو تہ ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ ماڻھن کي ھڪ ئي دفعي بھتر طريقي سان پوليو جي اھميت ۽ نقصانن بابت آگاھي ڏني وڃي تہ جيئن ھو بار بار انڪار نہ ڪن. ھُن چيو تہ ايندڙ مھم جي ڪاميابي لاءِ بھتر تربيت ۽ جٽادار مانيٽرنگ جي نظام سميت ٽرانزٽ پوائنٽس تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي. هُن عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي آھي ته هو پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار ۽ ايميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪاشف قريشي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او، پي پي ايڇ آءِ، مرف، تعليم، پوليس لوڪل گورنمينٽ، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو
اسد علي خان
پوليو مھم
dc THATTO
POLIO
0 تبصرے