English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران مختلف علائقن ۾ چونڊ ورڪ جاري، رھواسين پاران شاندار استقبال
179 views
|
17th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران مختلف علائقن ۾ چونڊ ورڪ جاري، رھواسين پاران شاندار استقبال
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي مختلف ڳوٺن ھٽڙي، ٽنڊو سعيد خان، ڇلگري، ٻڍاڻي،مسوڀرڳڙي واڻڪي وسي، گيلو نوناري، فضل ٻاگھل، رامچند لانڍي، نيو سٽي چوڪ، صالح ٻاگھل ۾ پھتو تہ ڳوٺاڻن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪن، لنگهين، سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا، اياز لطيف پليجو گهر گهر، دڪانن تي پيادل وڃي اليڪشن ورڪ ڪيو. ڳوٺاڻن اياز لطيف پليجو کي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تبديل پئي ٿي سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي مان سخت بيزار آھي.8 فيبروري تي سنڌ تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي شڪست ٿيندي، خوشحالي، حق، سچ، انصاف، ميرٽ ۽ سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي شروعات ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي بار بار اقتدار اچڻ باوجود سنڌ کي ترقي ڏيڻ بدران تباھي،بربادي کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي ڏنو. شھيدن، جمھوريت ۽ اٽي، اجهي ۽ خوشحالي جي نالي ۾ اليڪشن کٽي وري سنڌ جي عوام سان دوکو ڪندي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ صحيح عوامي سياست سان سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگھجي ٿو. بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڪرپٽ ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن ۽ سينيٽرن وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو بہ پروگرام ناھي، انھن وٽ ڪرپشن جون اسڪيمون آھن، جيڪو بہ ڪم ڪيو وڃي ٿو، اھو ڪرپشن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جنھنڪري ڳوٺن جا روڊ کنڊر بنيل آھن. سڄو فراڊ جو سسٽم ھلايو پيو وڃي. ان کي حقيقي عوامي ٻڌي سان زرداري ٽولي کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
QAT
ayaz latif palejo
0 تبصرے