English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ڏيکاريو آھي: حاڪم علي جسڪاڻي
130 views
|
17th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
پ پ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ڏيکاريو آھي: حاڪم علي جسڪاڻي
ڪراچي(نبي بخش خاصخيلي)پ پ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي پوري ملڪ ۾ عوام چونڊرائيندو ۽ ايندڙ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو. اھڙن خيالن جو اظھار پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي سندس حقن ۾ ھٿ کڻندڙ اڳوڻوسينئر ميمبر بورڊ آف روينيو اڳوڻو اسپيشل اسسٽنٽ اشفاق احمد ميمڻ. اڳوڻو يوسي وائيس چيئرمين مولا بخش چنڊ ۽ ٻين دوستن پاران کيس مبارڪ ڏيڻ دوران ڪيو. ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو ته عوام کي مھانگائي بيروزگاري بک ۽ بدحالي مان جيڪڏھن ڪير ڪڍي سگھي ٿو ته اھا پاڪستان پيپلزپارٽي ئي آھي. ھن چيو ته مختلف دوستن پاران پي ايس 98 تي منھنجي حق ۾ ھٿ کڻندڙ دوستن جو شڪر گزار آھيان. اھي دوست پاڪستان پيپلزپارٽي جو ئي حصو آھن کين ڪڏھن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. پير سيد فرش شاھ سرھندي کي آئون سڃاڻيندو به ناھيان۔ ووٽر اسان جا ٻچا آهن پاڪستان پيپلزپارٽيء جي اھڙي سياست ڪڏهن به ناهي رھي جو ووٽرن کي اغوا ڪرائي. ھن چيو منهنجي مٿان ڪوڙا الزام ھڻندڙ پير فرخ شاھ سرھندي شاھ پاڻ پي ايس 98 جو اميدوار آهي ھن چيو ته اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ھر ماڻهوَ جو حق آهي گھٽ ۾ گھٽ اسان اھڙي ڪريل حرڪت نٿا ڪري سگهون۔ ووٽر اسان جا پنھنجا آهن کين ڪڏهن به حراسان ناهي ڪيو پير فرخ شاھ الزام ھڻڻ کان پھرين تصديق ڪري ھا مونکي ته ائين ٿو لڳي ته پير محمد فرخ شاھ سرھندي ڪنهن ٻئي تنظيم جي اميدوار جي مدد ڪرڻ لاء مون مٿان ڪوڙا الزام ھڻي رھيو آهي. ان موقعي تي اڳوڻوسينئر ميمبر بورڊ آف روينيو اڳوڻو اسپيشل اسسٽنٽ اشفاق احمد ميمڻ چيو ته حاڪم علي جسڪاڻي پارٽي جو پراڻو ورڪر آھي اسان کي خوشي آھي ته پارٽي سندس کي ٽڪٽ ڏني آھي. پارٽي جي حڪم تي اسين حاڪم علي جسڪاڻي جي حق ۾ ھٿ کنيو آھي اسين گڏجي پي ايس 98 تي ورڪر ڪري ھي سيٽ کٽنداسين. مخالف جماعتن ھن ملڪ کي سواء لٽڻ جي ڪجھ به ناھي ڏنو. اڳوڻو يوسي وائيس چيئرمين مولا بخش چنڊ چيو ته پي ايس 98 تي پارٽي پاران ھڪ بھترين شخصيت کي پي ايس جي ٽڪيٽ ڏني آھي. جنھن جو ڪنھن به ماڻھون سان ڪوبه اختلاف ناھي رھيو. پارٽي جو ھر ورڪر حاڪم علي جسڪاڻي مان خوش آھي. ھي ٽڪيٽ حاڪم علي جسڪاڻي کي نه پر اسان سڀني ورڪرن کي ملي آھي. ھي سيٽ اسان سڀ ملي ڪري کٽنداسين اگر ھي سيٽ ھن ڀيري اسان کي نڪري وئي ته اسين پورا پنج سال نتيجو ڀوڳينداسين. ھن چيو ته ھنن علائقن ۾ اڳ به پاڪستان پيپلزپارٽي ڪم ڪرايا آھن ۽ ھاڻي به ڪم پيپلزپارٽي جا ورڪر ئي ڪرائيندا. ٻي طرف ايوب ڳوٺ ۾ ويلفيئر يونين ڪاميٽي جي صدر سرواڻ کيمٽيو. جنرل ڪائونسلر ديدار بالادي. رميز ڀٽو. ياسين شر. يوٿ انفارميشن سيڪريٽري عدنان چنڊ ۽ ٻين پاران ڪارنر ميٽنگ ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ڳوٺاڻن پاران پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي کي آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن شڪايتون ڪيون ته ھي تڪ کٽڻ کانپوء علائقي جي مسئلن کي حل ڪرايو وڃي جنھن تي حاڪم علي جسڪاڻي کين يقين ڏياريو ته ھو کٽڻ کانپوء ھنن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندو ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڏياريندو. ان موقعي تي تاج محمد وساڻ. لياقت بليدي. حسين بخش ناريجو. سيد اڪبر شاھ ڪاظمي. حنيف سومرو. محمد سلمان جسڪاڻي. محسن جسڪاڻي ۽ ٻيا هڻ موجود ھيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
پ پ
بلاول ڀٽو زرداري
وزيراعظم
0 تبصرے