English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اقوام متحدہ جي رپورٽ مان ثابت آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ تعليمي سڌارا ناھن: اياز لطيف پليجو
109 views
|
20th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
اقوام متحدہ جي رپورٽ مان ثابت آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ تعليمي سڌارا ناھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پاڪستان جي تعليمي نظام بابت اقوام متحده جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ اقوام متحدہ جي رپورٽ مان ثابت آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ تعليمي سڌارا ناھن. سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي مان ايندڙ حڪمرانن لاءِ اقتدار محض ڪاروبار بنجي ويو آھي. عوام کي جھالت ۾ رکي ووٽ ڏيڻ جي مشين بنايو ويو آھي. ترقي، خوشحالي، تعليم، صحت سميت سموريون سھولتون صرف حڪمران طبقي لاءِ آھن. ڪرپشن ذريعي وسيلن جي لٽمار سبب ملڪي ادارا بي لاڀ ۽ بي فائده ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو غرق آھي. اسڪولن کي مال جا واڙا ۽ ڀانڊا بنايا ويا آھن. اقوام متحده جي اھا رپورٽ ته 56 لک ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن ۽ ھڪ ڪروڙ 4 لک شاگرد سيڪينڊري تعليم کان اڳيان نٿا پڙھي سگھن، اھي انگ بلڪل حقيقت جي عڪاسي آھن. بلڪه صورتحال ان کان به بدتر ھوندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ، ن ليگ ۽ پي ٽي آئي جي جھيڙي ۾ مھانگائي، بيروزگاري، تعليمي تباھي، صحت جي سهولتن جي اڻھوند، بدامني ۽ ٻيا مسئلا مڪمل نظرانداز آھن، جنھنڪري عوام بدتر حالتن جو شڪار آھي. ماڻھو خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿ وٺي ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آھي. ڪرمپور ۾ بندوق کڻي اسڪول ڊيوٽي تي ويندڙ استاد کي ڌاڙيلن شھيد ڪري ڇڏيو. ڌاڙيل راڄ جي ڪري تعليمي نظام بند ٿي ويو آھي پر سنڌ حڪومت کي ڪو احساس ناھي. ملڪ ۾ ڪٿي بہ ائين ناھي جيئن سنڌ ۾ ٿي رھيو آھي. عالمي ادارا تعليم جي سسلي ۾ جيڪا مدد ڪن ٿا اھا بہ ڪرپشن جي نظر ٿيو وڃي. وفاقي حڪومتن مصلحتن سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏہو آھي، جنھنڪري نيب يا ايف آئي اي ڪنھن بہ ڪرپشن جي وڏي مڇي کي قانون جي ڄار ۾ ناھي ڦاسايو. اينٽي ڪرپشن کاتو خود ڪرپشن کي ڪينسر ۾ ورتل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين تعليم کانسواءِ ترقي نٿا ڪري سگھون. تعليم جي بھتري لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ اڳتي اچڻو هوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ayaz latif palejo
0 تبصرے