English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
غير قانوني افغاني ملڪ جي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن: اياز لطيف پليجو
views
|
19th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
غير قانوني افغاني ملڪ جي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ غير قانوني افغاني ملڪ جي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن. پاڪستان مخالف طاقتون افغانستان مان ويھي پاڪستان ۾ دھشتگردي جا وڏا واقعا ڪرائين ٿيون. افغان بارڊر ذريعي پاڪستان ۾ منشيات ۽ غير قانوني ھٿيار اچن ٿا. ملڪ جي ترقي لاءِ ٻاھرين ڊڪٽيشن بدران آزاد ۽ خودمختيار پاليسي جوڙي وڃي. سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ ڌاڙيلن وٽ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري ڪنھنجي آھي؟ آخر ڌاڙيلن خلاف ڇو ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪڏھن استاد قتل ڪيا وڃن ٿا، ڪڏھن پروفيسر تہ ڪڏھن شاگرد اغوا ڪري گوليون جو نشانو بنايا وڃن ٿا. ڪرمپور ۾ استاد جو قتل ۽ مغوي نوجوان کي گوليون ھڻي وڊيو وائرل ڪري پيغام ڏنو ويو آھي تہ ڌاڙيل طاقتور آھن ۽ حڪومت انھن خلاف ڪجھ به نٿي ڪري سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ افغانين جي نيڪالي بدران ڊرامو ڪيو ويو، جنھنڪري لکين افغاني موجود آھن. ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ڪاروبار ڪن ٿا ۽ ڪالونيون ٺاھي ويٺل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا اليگل اميگرينٽس دھشتگردي ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۽ دھشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ٻيا پنھنجن سياسي مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيهين کي تحفظ ڏئي رھيا آھن. غير قانوني افغانين جا شناختي ڪارڊ رد ڪري انھن کي گرفتار ڪري واپس پنھنجي ملڪ ڏانھن موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ افغان ۽ پاڪستان بارڊر کي مڪمل محفوظ بنايو وڃي. امن کانسواء ترقي ممڪن ناهي. انتھا پسندي ۽ دھشتگردي جي واقعن جا پير افغانستان وڃن ٿا، انڪري دھشتگردي کي روڪڻ لاءِ، امن جي قيام لاء، دھشتگردن جو نيٽورڪ ٽوڙڻ لاءِ افغانستان جو بارڊر محفوظ بنائڻو پوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
QAT
0 تبصرے