English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاهور ۾ پي ڊي ايم اي جي تربيتي ورڪشاپ لاءِ پھتل سنڌ واسي نياڻين سان زيادتي جو انڪشاف، 50 نوجوان فيل قرار، متاثرن پاران ڌرڻو ھنيو ويو
221 views
|
21st Apr 2024
•
سنڌي خبرون
لاهور ۾ پي ڊي ايم اي جي تربيتي ورڪشاپ لاءِ پھتل سنڌ واسي نياڻين سان زيادتي جو انڪشاف، 50 نوجوان فيل قرار، متاثرن پاران ڌرڻو ھنيو ويو
لاھور: سنڌ جي مختلف ضلعن مان پي ڊي ايم اي جي تربيتي ورڪشاپ ”فائر اينڊ ريسڪيو 1122“ جي تربيت تي ويل نوجوانن ۽ نياڻين سان انتظاميه جي بداخلاقي، 50 کان مٿي نوجوانن کي بيدخل ڪرڻ ۽ نياڻين سان بداخلاقي واري رويي خلاف متاثر تربيت حاصل ڪندڙ نوجوانن جو احتجاج، لاهور جي 1122 ٽريننگ اڪيڊمي ۾ چيف ڪمانڊر توڙي ايمرجنسي آفيسر ۽ ٻئي عملي پاران لاڙڪاڻي ڪشمور ڪنڌڪوٽ دادو ۽ ٻين ضلعن کان تربيت حاصل ڪرڻ لاء ويل نوجوانن ۽ نياڻين سان بداخلاقي ۽ کين بلاجواز تنگ ڪرڻ خلاف سنڌ واسي نوجوان سراپا احتجاج بڻجي ويا اڪيڊمي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازيڪئي، سنڌ واسي نوجوانن سهيل منگي واجد مهيسر فياض عمراڻي دودو شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ متاثر نوجوانن لاهور ۾ 1122 ٽريننگ اڪيڊمي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا مظاھرين جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت جي بحالي واري کاتي پاران 1122 جي ٻئي مرحلي فائر اينڊ ريسڪيو لاء تربيت خاطر اسانکي پي ڊي ايم اي جي تربيتي ڪورس تي اماڻيو ويو پر اسان هتي پهچي جڏھن تربيت شروع ڪئي آھي ته تربيت دوران ۽ رهائش دوران نوجوانن ۽ اسان سان گڏ لاڙڪاڻي واسي نياڻين کي تنگ ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي 50 نوجوانن کي بلاجواز بيدخل پڻ ڪيو ويو آھي، اسان سنڌ واسين کي بلاجواز حراسان ڪري تنگ ڪري پنجاب نوازي واري پاليسي اختيار ڪئي وئي آھي ۽ اسان سنڌ وارن نوجوانن کي هٿ وٺي تربيت دوران آئوٽ ڪري پنجاب جي ماڻھن کي سنڌ جي سيٽن تي مقرر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن جو فوري نوٽيس ورتو وڃي، پي ڊي ايم اي جي فائر اينڊ ريسڪيو بابت سنڌ ۾ مقرر ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ رابطو ڪرڻ تي سنڌ واسي نوجوانن جي احتجاج جي تصديق ڪندي چيو آھي ته اميدوارن پاران اڄ صبح کان احتجاج جي صورت ۾ اهڙيون شڪايتون سامهون آيون آھن آئون پاڻ لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آھيان بلاجواز تنگ ڪرڻ واري معاملي تي سنجيده نوٽيس ورتو پيو وڃي ۽ سنڌ واسي تربيت تي اماڻيل نوجوانن جي مالڪي ڪئي ويندي، 50 کان مٿي نوجوانن کي بيدخل ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ ڊي جي جو چوڻ ھو ته اهو پروٽوڪول تربيتي مرڪز وارن جو آھي جيڪي تربيت دوران فيل ٿين ٿا انهن کي واپس اماڻيو وڃي ٿو باقي تربيت حاصل ڪندڙن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي، نوجوانن جو چوڻ ھو تھ اسٽاف جي ڪجھھ ماڻھن نياڻين سان زيادتي پڻ ڪئي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لاهور
PDMA
Rape
Sex
Girls
0 تبصرے