English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج ۽ ڪيمپس ۾ انڊرگريجوئيٽ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي
188 views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
تعليمي سال 2024-25 لاءِ ٿيندڙ هن داخلا ٽيسٽ ڇنڇر ڏينهن چار مختلف مرڪزن تي منعقد ڪيو ويو
حيدرآباد/ٽنڊو ڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج ۽ ڪيمپس ۾ انڊرگريجوئيٽ داخلا لاءِ 5426 کان وڌيڪ اميدوارن داخلا ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي. تعليمي سال 2024-25 لاءِ ٿيندڙ هن داخلا ٽيسٽ ڇنڇر ڏينهن چار مختلف مرڪزن تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 935 عورت اميدوارن سميت ڪل 5426 اميدوارن پنهنجن چونڊيل ڊگري پروگرامن لاءِ ٽيسٽ ڏنو. هي ٽيسٽ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول، سکر جي پبلڪ اسڪول، عمرڪوٽ ڪيمپس عمرڪوٽ ۽ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ مينيجمينٽ سائنسز ڪوئٽا ۾ منعقد ڪئي وئي. يونيورسٽي جي پڌرائي موجب، حيدرآباد ۾ 4091 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن ۾ 631 ڇوڪريون شامل هيون، عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ 579 مرد ۽ 77 فيميل اميدوار شامل شريڪ ٿيون، جڏهن ته سکر ۾ 566 مرد ۽ 57 ڇوڪرين شرڪت ڪئي، بلوچستان جي شاگردن لاءِ ڪوئيٽا ۾ 54 مرد ۽ 2 فيميل اميدوارن ٽيسٽ ڏنو، اميدوارن ايم سي ڪيوز جي 100 سوالن تي ٻڌل سوالنامو 100 منٽن ۾ حل ڪيو، يونيورسٽي جي ٽيسٽ ۾ مين ڪيمپس ۾ 1785، عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ 318 ۽ ٻين مرڪزن تي 220 سيٽون مختص ڪيون ويون آھن، يونيورسٽي انتظاميا پاران ٽيسٽ ۾ سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظامات ڪيا ويا هئا، جن ۾ واڪ ٿرو گيٽس سميت پوليس جي نفري ۽ يونيورسٽي جي پنهنجي سيڪيورٽي به مقرر ڪئي وئي هئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ قائم مرڪزي ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ امتحاني انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن شاگردن جي دلچسپي ۽ بهترين انتظامن جي تعريف ڪئي، ميڊيا سان ڳلھائيندي وائيس چانسلر چيو ته وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته شاگردن کي يونيورسٽي جي انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ زبردست دلچسپي آهي، ھن چيو ته يونيورسٽي، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ ڇوڪرين لاءِ خاص فيس پيڪيجز متعارف ڪرايا آهن، ۽ قابل شاگردن لاءِ اسڪالرشپس به موجود آهن، هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي جديد زرعي علمن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق نون ڊگري پروگرامن ذريعي بهترين تربيت ڏئي رهي آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهنن، ڊاڪٽر فتح مري زراعت جي شعبي ۾ عورتن جي شموليت کي تبديلي جو ذريعو قرار ڏنو ۽ چيو ته شاگردياڻين کي يونيورسٽي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي ته جيئن ڇوڪريون هن شعبي ۾ ڪاميابي سان نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي مختلف ڪاليجن جا ڊين، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جا سربراهه به موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ زرعي يونيورسٽي
ٽنڊوڄام
tANDO jAM
0 تبصرے