English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج ۽ ڪيمپس ۾ انڊرگريجوئيٽ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي
views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
تعليمي سال 2024-25 لاءِ ٿيندڙ هن داخلا ٽيسٽ ڇنڇر ڏينهن چار مختلف مرڪزن تي منعقد ڪيو ويو
حيدرآباد/ٽنڊو ڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج ۽ ڪيمپس ۾ انڊرگريجوئيٽ داخلا لاءِ 5426 کان وڌيڪ اميدوارن داخلا ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي. تعليمي سال 2024-25 لاءِ ٿيندڙ هن داخلا ٽيسٽ ڇنڇر ڏينهن چار مختلف مرڪزن تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 935 عورت اميدوارن سميت ڪل 5426 اميدوارن پنهنجن چونڊيل ڊگري پروگرامن لاءِ ٽيسٽ ڏنو. هي ٽيسٽ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول، سکر جي پبلڪ اسڪول، عمرڪوٽ ڪيمپس عمرڪوٽ ۽ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ مينيجمينٽ سائنسز ڪوئٽا ۾ منعقد ڪئي وئي. يونيورسٽي جي پڌرائي موجب، حيدرآباد ۾ 4091 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن ۾ 631 ڇوڪريون شامل هيون، عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ 579 مرد ۽ 77 فيميل اميدوار شامل شريڪ ٿيون، جڏهن ته سکر ۾ 566 مرد ۽ 57 ڇوڪرين شرڪت ڪئي، بلوچستان جي شاگردن لاءِ ڪوئيٽا ۾ 54 مرد ۽ 2 فيميل اميدوارن ٽيسٽ ڏنو، اميدوارن ايم سي ڪيوز جي 100 سوالن تي ٻڌل سوالنامو 100 منٽن ۾ حل ڪيو، يونيورسٽي جي ٽيسٽ ۾ مين ڪيمپس ۾ 1785، عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ 318 ۽ ٻين مرڪزن تي 220 سيٽون مختص ڪيون ويون آھن، يونيورسٽي انتظاميا پاران ٽيسٽ ۾ سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظامات ڪيا ويا هئا، جن ۾ واڪ ٿرو گيٽس سميت پوليس جي نفري ۽ يونيورسٽي جي پنهنجي سيڪيورٽي به مقرر ڪئي وئي هئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ قائم مرڪزي ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ امتحاني انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن شاگردن جي دلچسپي ۽ بهترين انتظامن جي تعريف ڪئي، ميڊيا سان ڳلھائيندي وائيس چانسلر چيو ته وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته شاگردن کي يونيورسٽي جي انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ زبردست دلچسپي آهي، ھن چيو ته يونيورسٽي، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ ڇوڪرين لاءِ خاص فيس پيڪيجز متعارف ڪرايا آهن، ۽ قابل شاگردن لاءِ اسڪالرشپس به موجود آهن، هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي جديد زرعي علمن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق نون ڊگري پروگرامن ذريعي بهترين تربيت ڏئي رهي آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهنن، ڊاڪٽر فتح مري زراعت جي شعبي ۾ عورتن جي شموليت کي تبديلي جو ذريعو قرار ڏنو ۽ چيو ته شاگردياڻين کي يونيورسٽي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي ته جيئن ڇوڪريون هن شعبي ۾ ڪاميابي سان نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي مختلف ڪاليجن جا ڊين، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جا سربراهه به موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ زرعي يونيورسٽي
ٽنڊوڄام
tANDO jAM
0 تبصرے