English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان “ قومي ٻوليون ڪانفرنس” ڪوٺائڻ جو فيصلو
22 views
|
30th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ڊسمبر ۾ “قومي ٻوليون ڪانفرنس”ڪوٺائي ويندي،سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، مسئلن ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويندو: فيصلو
ڪراچي (رپورٽر)انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي طرفان " قومي ٻوليون ڪانفرنس" ڪوٺائڻ جو فيصلو. اھڙو فيصلو گذريل ڏينھن انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي ماهوار اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو ڪراچي جي صدر سيد ڪرم علي شاهه "ڪرم" جي صدارت ھيٺ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ انجمن سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو خصوصي طور شرڪت ڪئي. جڏھن ته علي محمد ميمڻ جنرل سيڪريٽري، نعيم شيخ جوائنٽ سيڪريٽري، لياقت علي عباسي پريس سيڪريٽري، وليم صادق، پروفيسر مشتاق مهر به شريڪ ٿيا.اجلاس ۾فيصلا ڪيا ويا ته انجمن ڪراچي طرفان ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾" قومي ٻوليون ڪانفرنس"ڪوٺائي ويندي جنهن ۾سنڌي ٻوليء جي فروغ ۽ ترقي ۽ مسئلن ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان جي قومن جي قومي ٻولين سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي کي رياست ۽ حڪومت طرفان قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ لاء جاڳرتا مهم هلائي ويندي.اجلاس ۾ سيڪريٽري علي محمد ميمڻ آگاهه ڪيو ته قومي ٻولين وارو بل چئني صوبن جي دانشورن، اديبن، صحافين، علمي ۽ فڪري ادارن جي سالن جي ڪاوشن ۽ سهڪار سان تيار ڪيو ويو ۽2017ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مدد سان اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرايو ويو. اهو بل سينيٽ ۾ منظور ڪيوويو پر قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن طرفان قومي ٻولين واري بل کي تبديل ڪري علائقائي ٻوليون قرار ڏيئي افسوسناڪ عمل ڪيو ويو. انجمن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته قومي ٻولين جي بل کي قومي اسيمبلي مان پڻ اصل حالت ۾ منظور ڪيو وڃي.ملڪ جي سمورين قومن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ۽ انهن جي ترقي ۽ مادري ٻولين جي ترقي ۽ تعليم لاء وڌ ۾ وڌ قدم کنيا وڃن ۽ قومي اسيمبلي مان پڻ چئن قومي ٻولين واري بل کي سينيٽ واري بل مطابق منظور ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ قومي ٻولين کي سرڪاري طور تي رائج ڪيو وڃي.اجلاس ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان جي روح روان ۽ مرڪزي آرگنائيزر راحت سعيد جي ڊگهي علالت سبب لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پيش ڪيو ويو کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء 2 منٽ خاموشي اختيار ڪئي ويئي ۽ مرحوم جي انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان لاء ڊگهي عرصي تائين اڳواڻ جي حيثيت ۾ مثالي خدمتن ۽ خاص طور تي انجمن تقي پسند مصنفين ڪراچي کي متحرڪ ڪرڻ ۽ سندس سرپرستي حاصل هئڻ کي ڪراچي تنظيم لاء وڏو اعزاز قرار ڏنو ويو ۽ مرحوم کي سندس شاندار ڪردار تي زبرست لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ويئدي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊسمبر
قومي ٻوليون ڪانفرنس
انجمن ترقي پسند
انجمن ترقي پسند مصنفين
ڪراچي
0 تبصرے