English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ايڪسائيز کاتي جي سب انسپيڪٽر جي جنازي نماز بعد تدفين
views
|
06th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
غضنفر عرف مور کوسو جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڀرسان رتنور روڊ ڪيٽل ڪالوني لڳ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويل غضنفر عرف مور کوسو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو وڌيڪ 2 شڪي گرفتار خبر موجب 2 ڏينهن پهرين عمرڪوٽ ڀرسان رتنور روڊ ڪيٽل فارم وٺ گوليون لڳڻ سبب غضنفر عرف مور کوسي واري واقعي ۾ ملوث نامعلوم جوابدارن پتو پئجي نه سگهيو عمرڪوٽ پوليس پاران شڪ جي بنياد تي ڊرائيور سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته مقتول جي جنازي نماز کوسا پاڙي ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ضلعي چئرمين عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي اڳوڻو ضلعي، چئرمين ڊاڪٽر نور علي شاھ، پ پ اڳواڻ اميد علي راھمون، قادر سومرو غلام محمد مھر, مير نور احمد ٽالپر، مير رضا ٽالپر، حاجي علي کاڙت، حاجي عرس کاڙت، نيم راج اوڏ، سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شھرين، صحافين جي شرڪت ڪئي جنازي نماز ۾ کوسا برداري جي سڄي سنڌ کان آيل مختلف معززن پڻ شرڪت ڪئي مرحوم غضنفر مور کوسو جي تدفين عمرڪوٽ جي اباڻي ڀانڊاري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ته مقتول غضنفر عرف مور کوسو اڳوڻي ٽائون چئرمين ۽ نامور سياستدان رئيس الھداد خان کوسو جو پُٽ ھيو ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ھو جڏھن ته تدفين واري آخري رسمن وقت ماحول سوڳ وار ھو ھوڏانھن ڊاڪٽرن موجب ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽنگ ۾ ڳولي لڳڻ سبب رت وڌيڪ وھڻ ڪري واقعي موت ٿيو آهي پوليس ذريعن موجب شڪ جي بنياد تي ٽن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهيان ايس ايڇ او سٽي عطا محمد لغاري چيو ته جانچ ڪري رھيا آھيون وڌيڪ وارٽ ڪيس داخل ڪرائيندا ته جيڪي ملوث جوابدارن ھوندا انھن کي گرفتار ڪيا ويندا ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير دوست علي راھمون جي ڀاءُ اميد علي راھمون، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کوسن ء راھمون برادري ڪو به تڪرار نه مبينا الزام هيٺ آيل جعمون راھمون کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي اسان کي اميد آهي ته پوليس صاف شفاف جاچ ڪندي ڪنھن سان نا انصافي نه ٿيندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
سب انسپيڪٽر
ايڪسائيز کاتي
غضنفر عرف مور کوسو
0 تبصرے