English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ريٽ لسٽ کان وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي: ڊي سي شڪارپور
76 views
|
18th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي دوران مرغي، تيل، گيهه، کنڊ ۽ انڊن ۽ ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا
شڪارپور ( احسان ابڙو )ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور واپارين ۽ ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن وارن سان گڏجاڻي ڪري روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا۔ريٽ لسٽ کان وڌيڪ قيمتون وٺندڙن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا۔ ڊي سي شڪارپور، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ۾ واپارين ۽ ڪريانه مرچنٽ، ۽ ٻين ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪري روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا. گڏجاڻيءَ ۾ چئني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر خدا بخش ڪلوڙ، پرائيز انسپيڪٽرس شاهنواز مهر، گڊائون انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ پٺاڻ، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن جو صدر فائق علي ميمڻ، نائب صدر جئپالداس، صدر سبزي مارڪيٽ آغا نصيب الله ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.. گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو تہ روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه هن ريت مقرر ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هر دڪاندار پنهنجي پنهنجي دڪانن تي ريٽ لسٽ ظاهر نه ڪئي يا مقرر اگهن کان وڌيڪ اگهه ورتا ويا ته ان سلسلي ۾ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا. هن چيو ته ڪجھ شين جا ريٽ اوپن رکيا ويا آهن. جن ۾ مرغي، تيل، گيهه، کنڊ ۽ انڊا شامل آهن،انهن جا ريٽ صبح سوير تعلقن جي مختيارڪارن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڏنا وڃن ته جيئن هو اوپن ريٽ کي روزانو جي بنياد تي چيڪ ڪري سگهن. هن چيو ته گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهو قيمتون وڌي وڃڻ سبب پريشان ٿي وڃن ٿا. ان موقعي تي روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ھن ريت مقرر ڪيا ويا. جن ۾ دال مسور 270 روپيه، دال مڱ صاف 420 روپيه، دال مڱ هلڪي 340 روپيه، دال مڱ ڀمپر 390 روپيه، دال ماڇ 460 روپيه، چڻن جو بيسڻ 390 روپيه، چڪيءَ جو اٽو 90 روپيه، فلور چڪي اٽو 80 روپيه، اسپيشل اٽو 90 روپيه، سوجي 95 روپيه، باسمتي ڪرنل چاور (پنجاب) من 160 کان 180 روپيه، چانور باسمتي ڪرنل (سنڌ) 230 روپيه، چانور باسمتي ڏارو 110 کان 120 روپيه، ميدو 100 روپيه، ڳڙ 170 کان 180 روپيه، مٺائي 170 کان 180 روپيه، مينهن جو گوشت 600 روپيه، ڳائو گوشت 900 روپيه، ٻاڪرو گوشت 1600 روپيه، مڇي 2 ڪلو کان مٿي واري 500 روپيه، مڇي 1ڪلو کان مٿي 430 روپيه، مڇي 1 ڪلو کان گھٽ 350 روپيه، کارڪون 200 کان 400 روپيه، ڇولا 9 ايم ايم 340، بيسڻ مٽر 180 روپيه، ڳاڙها مرچ ثابت 620 روپيه ۽ پيٺل ڳاڙها مرچ سٺا 680 روپيه، ڳاڙها مرچ پيٺل هلڪا 400 روپيه، تازو کير 160 روپيه، ڏهي 220 روپيه في ڪلو مقرر ڪيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور
الطاف احمد چاچڙ
واپارين
ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن
0 تبصرے