English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورساڪرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مارچ
96 views
|
18th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ميرپورساڪرو (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو دريا تي غيرقانوني ڪينالن ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، مرتضي لاشاري، بشير سمون، حبيب الله پليجو، گلزار ڀرج، وسيم ڀرج، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پوليس چوڪي کان احتجاجي مارچ ڪري ساڪرو جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ ٺٽو ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو ضلعي سميت سڄي سنڌ سڪي تباھ ٿي ويندي. سنڌو درياءَ سنڌين جي جان آهي سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال سنڌي ماڻهن جي لاشن تي ٺھندا سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ لاءِ وڙھندو سنڌي ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجو درياھ وڪرو ٿيڻ نہ ڏيندا. چولستان ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ ھرگز قبول ناھن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن لاءِ ھڪ آواز آھن.سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جو آرگنائيز خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام ڪڏهن سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن قبول نہ ڪندو چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاء جدوجھد شھرن سميت جھرجھنگ جاري رھندي. پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن جيڪي سنڌو درياھ مان 6 نوان غير قانوني نوان ڪئنال ڪڍي گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. ڌرڻي کي مرتضي لاشاري، حبيب الله پليجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرپورساڪرو
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے