English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي شفيع ڳوٺ جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم
views
|
19th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ : عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي اولڊ ٿاڻي لڳ شفيع ڳوٺ جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم ، 200 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور، اسڪول ۾ ڪمرن، فرنيچر، نصابي ڪتاب ۽ ڊريس نه هجڻ سبب ٻارڙا ذهني اذيت ۾ مبتلا، تعليمي ڪامورن لکت ۾ شڪايت باوجود ڪو به تدارڪ نه ڪيو ، سماجي اڳواڻ عنايت بلوچ جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي اولڊ ٿاڻي لڳ شفيع ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين طرفان اسڪول جو دورو ڪيو جتي استاد ٻارڙن کي پٽ تي ويهاري پڙهائي رهيا هئا اسڪول جي استاد ياسر بلوچ ٻڌايو ته اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن جتي 6 استاد تعليم ڏيڻ ۾ مصروف آهن اسڪول ۾ ڪمرن، فرنيچر، نصابي ڪتابن ۽ ڊريس نه هجڻ سبب ٻارڙا ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن سماجي اڳواڻ عنايت بلوچ چيو ته ٽن ڪمرن تي ٻڌل اسڪول جي عمارت ۽ سهولتون نه هجڻ کان ضلعي تعليمي آفيسرن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي ان موقعي تي هنن سنڌ جي وڏي وزير ، تعليم واري وزير ۽ ضلعي جي تعليمي آفيسرن کي اپيل ڪئي ته هو ڄاڻايل اسڪول کي فرنيچر سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
شفيع ڳوٺ
0 تبصرے