English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ڪنگري ڀرسان خوني تڪرار ۾ 5ڄڻن جي قتل تي ڏک جو اظهار
229 views
|
25th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنگري ڀرسان خوني تڪرار ۾ پنج ماڻھو قتل ٿيڻ واري واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پ پ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، عوام يرغمال ھجي، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن. جمھوريت تي راتاھا ھڻي قائم ڪيل آمريتي دورن ۾ سنڌ کي يرغمال ڪري ائين وسيلن تي ڌاڙا ھنيا ويا، پ پ حڪومت انھن آمريتي پاليسين کي جاري رکيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيل آھي. تعليم ناھي. ٻئي طرف حڪمران سنڌو درياھ سميت سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن، درياھ کپائي اقتدار خريد ڪيو. ڪرپشن کي روڪڻ وارو ڪو بہ ناھي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ درجنين خوني تڪرار آھن. ڏوھارين وٽ خطرناڪ ھٿيار موجود آھن. اھي ھٿيار حڪمران وڏيرن ۽ وزيرن معرفت پھچن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پوليس آزاد ناھي. مرضي جا ايس ايس پي، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز مقرر ڪري انھن کي ذاتي مفادن ۽ مخالفن کان انتقام لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. باقي انتظاميه کي بہ ائين غلام ڪري ھلايو وڃي ٿو، جنھنڪري سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ايترو ئي ظالم، جابر ۽ عوام دشمن آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 17 سالن ۾ سنڌ اھو حشر ڪيو ويو آھي جيڪو ضيا ۽ مشرف بہ نہ ڪري سگھيا.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪنگري ڀرسان پنج ماڻھن جي قتل جا ذميوار گرفتار ڪيا وڃن. متاثرن کي تحفظ ڏنو وڃي تہ جيئن ٻيا ماڻھو قتل نہ ٿين. قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے